ڪراچي ( م ڊ ) ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي کي ٽڪر هڻندڙ ڪار اڳوڻي پوليس اهلڪار ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فاروق اعواڻ جي فارم هائوس مان هٿ ڪئي وئي آهي، ڪار جي ٽڪر ۾ 8 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويوهو . جنهن بعد پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ هاڻي پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ملوث مرسڊيز ڪار ميمڻ ڳوٺ ۾ هڪ فارم هائوس مان هٿ آئي آهي، جيڪو ايم پي اي ۽ اڳوڻي پوليس آفيسر فاروق اعواڻ جي ملڪيت آهي. صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فاروق اعواڻ جو چوڻ آهي ته منهنجي دوست جي پٽ منهنجي فارم هائوس تي ڪار پارڪ ڪئي، منهنجو دوست اڪثر جاپان مان ڪارون آرڊر ڪري فارم هائوس تي پارڪ ڪندو آهي.