ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ اغوائن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو وڌيڪ پٺاڻ جو هڪ معصوم اغوا ، ڪنڌڪوٽ ڀرسان هٿياربند پٺاڻ برادري جي معصوم ٻار کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملير ڀرسان ٻھ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن هٿيارن جي زور تي پٺاڻ برادري جو معصوم ٻار ڪوئيٽا جو رھواسي اياز پٺاڻ کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس پنهنجي روايت کي برقرار رکندي واقعي واري هنڌ پهچي وارثن کان معلومات ورتي هوڏانهن پٺاڻ برادري پاران ملير اسٽاپ وٽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو . ائرن کي باهيون ڏنيون ويون، ان موقعي تي وارثن جو چوڻ ھو ته پوليس جي پڪيٽ ڀرسان هوندي به موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڇھه سالن جو معصوم اياز پٺاڻ کي اغوا ڪري ويا آهن پر پوليس هٿياربندن جي پويان نه وئي آهي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي معصوم ٻار کي فوري طور تي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ڌرڻي دوران سنڌ پنجاب ڪي پي ڪي ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين ۽ وارثن سان ڳالهيون ڪندي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو.