ڪراچي (رپورٽر) ڪراچيءَ جي علائقي گلبهار ۾ عورت فائرنگ ڪري مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب 45 ورهين جي ضياءُ الله جي قتل کانپوءِ سندس زال ماهم کي قتل ۾ استعمال هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مقتول ضياءُ الله ۽ جوابدار ماهم جي اها ٻي شادي هئي. پاڙيسرين ۽ مائٽن موجب مڙس ۽ زال ۾ جهيڙو روز جو معمول هو.