حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي هڪ بنگلي ۾ قتل ڪيل معصوم نينگر 15 ورهين جي محمود ملاح جا قاتل 9 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا, پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي, ايس ايس پي حيدرآباد جي جوڙيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ به سامهون نه اچي سگهي, مقتول نينگر جا وارث پوليس جي جاچ کان مايوس ٿي ويا. وارثن کي بااثر جوابدارن جي چاچي ۽ ٻين مائٽن پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ راڄوڻي ڪرڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. مقتول نينگر محمود ملاح جي وارثن سان مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ملاح برادري جي ماڻهن ۽ مير البحر ويلفيئر آرگنائيزيشن جي اڳواڻن ايم پي اي تاج محمد ملاح, علي مير ملاح, لطيف ملاح, زيب النساءِ ملاح, عبدالشڪور ملاح, منور ملاح, ڪلثوم ملاح, نديم ملاح, حبيب لله ملاح ۽ ٻين ڳوٺ الهبچايو ميربحر ۾ تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ۽ نينگر جي خون سان انصاف جي لاءِ مدد ۽ سهڪار جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ايم پي اي تاج محمد ملاح ڳالهائيندي چيو ته نينگر محمود ملاح جي قتل وارو واقعو انتهائي دردناڪ آهي, پر جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. جيڪڏهن پوليس جوابدارن کي آزاد ڇڏي ڏنو ۽ متاثرن کي تحفظ فراهم نه ڪيو ته احتجاج جو رستو اختيار ڪنداسين. هن چيو ته ڳوٺ الهبچايو ميربحر جي صورتحال انتهائي خراب آهي, اسڪول تي وڏيري جو قبضو آهي, امير البحر ويلفيئر آرگنائيزيشن جي چيئرمين علي مير ملاح چيو ته معصوم نينگر محمود ملاح جي خون سان انصاف جي لاءِ سندس امڙ مڊم سان گڏ بيٺا رهنداسين, معصوم جو خون لوڙهڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. سماجي اڳواڻ زيب النساءِ ملاح چيو ته نينگر محمود ملاح جي امڙ مڊم ملاح جا حوصلا بلند آهن.