چين ۽ سعودي عرب سميت ٻين ملڪن جو ايران حملي تي رد عمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ايران جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ گڏيل قومن ۽ سعودي عرب ڳڻتي ظاهر ڪندي ڌرين کي ڇڪتاڻ نه وڌائڻ تي زور ڏنو آهي، جڏهن ته آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيا سميت ٻين يورپي ملڪن اسرائيل جو دفاع ڪندي خطي ۾ عدم استحڪام جي خطري کان خبردار ڪيو آهي.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايراني حملي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڌرين کي ڇڪتاڻ نه وڌائڻ تي زور ڏنو. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جي حق ۾ ناهيون، وچ اوڀر ۽ دنيا هڪ ٻي جنگ نٿي سگهي سگهي.

سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي جنگ جي خطرن کان بچڻ لاءِ ڌرين کان صبر جو مظاهرو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بيان موجب جيڪڏهن تڪرار وڌيو ته نتيجا خطرناڪ هوندا.

چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ايران طرفان اسرائيل خلاف جوابي حملي ۾ ڊرون ۽ ميزائل هڻڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي چين کي ڳڻتي آهي، چين غزا جنگ بندي جو ملطابو ڪيو آهي.

چيني ترجمان چيو ته چين لاڳاپيل ڌرين کان پرامن رهڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ڇڪتاڻ جو هي دور غزا جي تڪرار کي پکيڙي سگهي ٿو ۽ ان کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي.

اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته اسان جو دفاعي نظام لڳل آهي، ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته ايران ۽ سندس اتحادين مان خطرن خلاف اسرائيل جي سلامتي لاءِ پرعزم آهيون.

برطانوي وزير اعظم رشي سوناڪ اسرائيل تي ايراني حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حملن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي، ايران هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ظاهر ڪيو آهي ته هو پنهنجي ئي خطي ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿو.

ڀارت اسرائيل تي ايراني جي حملن کانپوءِ فوري طور ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارت چيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيسا ڪري سگهي ٿي.

ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان اسرائيل سان گڏ آهيون، حملا هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ امن کي متاثر ڪندا.

ان کانسواءِ جرمني، جاپان، فرانس، يورپي يونين، اسپين، ڊچ، دانش ۽ ٻين ملڪن ايراني حملن جي مذمت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.