ايران خلاف آپريشن ۾ آمريڪا، اسرائيل جو ساٿ نه ڏيندو: بائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران جي اسرائيل تي 200 ڊرون ۽ ميزائل حملن کانپوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ هن واضح ڪيو ته آمريڪا ايران تي جارحاڻي آپريشن ۾ ساٿ نه ڏيندو.

آمريڪي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن نيتن ياهو کي ٻڌايو ته آمريڪا ايران خلاف جارحاڻي آپريشن ۾ حصو نه وٺندو، اها ڳالهه ٻولهه جو بائيڊن ۽ نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي دوران ٿي.

رابطي دوران جو بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم کي آمريڪا جي حمايت جو يقين ڏياريو.

آمريڪي صدر نيتن ياهو کي ٻڌايو ته هن اسرائيل جي حملن خلاف دفاع ۽ حملن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي.

آمريڪي صدر چيو ته پنهنجي دفاع جو مظاهرو ڪري اسرائيل پنهنجي دشمنن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته هو اسرائيل جي سلامتي کي خطري هيٺ نٿا آڻي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.