ايران اسرائيل کي خبردار ڪري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل گذريل رات جي حملن تي جوابي ڪارروائي ڪئي ته ان جا کيس ڳنڀير نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير ۽ مستقل نمائندي امير سعيد ايرواني هڪ بيان ۾ چيو ته ايران ضرورت پوڻ تي پنهنجي دفاع جي حق کي استعمال ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو.

هن چيو ته جيڪڏهن اسرائيلي حڪومت ٻيهر ڪنهن فوجي اڳرائي ڪئي ته ايران جو جواب يقيني طور تي وڌيڪ مضبوط ۽ ڳنڀير هوندو.

ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم صورتحال تي هنگامي جنگي ڪابينا جو اجلاس گهرايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.