ملت ايڪسپريس ۾ عورت تي تشدد ڪندڙ اهلڪار جي ضمانت منظور

حيدرآباد ( رپورٽر) حيدرآباد جي عدالت ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ملت ايڪسپريس ۾ عورت تي تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪار جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت ريلوي پوليس ڪانسٽيبل منير حسين جي 35 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ٽرين جي سفر دوران عورت تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ريلوي پوليس ڪانسٽيبل منير حسين خلاف قلم 354 ۽ 337 اي تحت ڪيس داخل ڪيوويو هو. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڪانسٽيبل منير حسين بدتميزي ڪرڻ تي عورت تي تشدد ڪيو، ڇو ته مسافرن ٻڌايو ته عورت ماڻهن جو سامان اڇلائي رهي آهي. لکت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪانسٽيبل عورت کي بغير رزرويشن ٽرين ۾ ويهڻ تي اعتراض ڪيو هو، ان موقعي تي منير حسين ٽرين ۾ عورت تي تشدد ڪيو. ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته ريلوي پوليس وٽ ٽڪيٽون چيڪ ڪرڻ ۽ ريزرويشن جي مسئلن تي ايڪشن وٺڻ جو اختيار ناهي.

  • مراد علي شاهه پاران نوشڪي واقعي جي مذمت

ڪراچي(رپورٽر)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بونير ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران شهيد  ٿيندڙ پاڪ فوج جي ٻن جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ دهشتگرد حملي جي به سخت  لفظن  ۾ مذمت ڪئي جتي دهشتگردن هٿان بيگناهه ماڻهو شهيد ڪيا ويا.

  • ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ اڄ آمريڪا روانو ٿيندو

اسلام آباد ( م ڊ )  ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ وفد آءِ ايم ايف ۽ آمريڪا سان ڳالهين  لاءِ اڄ روانو ٿيندو،  محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ۽ آمريڪي نائب خزاني واري سيڪريٽري سان ملاقات ڪندو، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي اڳواڻي ۾ وفد اڄ آمريڪا روانو ٿيندو، محمد اورنگزيب پنهنجي دوري دوران آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا، آمريڪي ڊپٽي سيڪريٽري ڊونلڊ لو ۽ ڊپٽي خزاني واري سيڪريٽري سان به ملاقات ڪندو،  دوري جي حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو دورو 13 کان 21 اپريل تائين ٿيندو. اڪستان آءِ ايم ايف کي به قرض مشن موڪلڻ جي درخواست ڪندو.ياد رهي ته ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو هو ته اپريل ۾ نئين ۽ وڏي پروگرام تي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام کي جاري رکڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون 14 ۽ 15 اپريل تي ٿينديون، عالمي مالياتي فنڊ سان ڳالهيون ٿينديون. محمد اورنگزيب اهو به چيو ته آءِ ايم ايف وٽ گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن جو پروگرام هجڻ گهرجي.

  • ڪراچي ۾ جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب رڪشا ڊرائيور قتل

ڪراچي( رپورٽر ) قائد آباد واري علائقي ۾ ٻارن جي جهيڙي دوران اڻڄاتل هٿياربندن  جي فائرنگ سبب رڪشا ڊرائيور مارجي ويو. لانڍي مجيد ڪالوني سيڪٽر ون ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي ويل رڪشا ڊرائيور جي وارثن اعليٰ اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. مقتول رڪشا ڊرائيور محسن جي وڏي ڀاءُ رشيد جو چوڻ هو ته سندس ننڍي ڀاءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. منهنجو ڀاءُ رڪشا ۾ گهر اچي رهيو هو ته اڻڄاتل جوابدارن ٻارن جي جهيڙي دوران فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ مارجي ويو. هن چيو ته جهيڙي دوران فائرنگ شروع ٿي ته منهنجو ڀاءُ اتان ڀڄي ويو، جڏهن ته ڪنهن پٺيان فائرنگ ڪئي ته منهنجي ڀاءُ کي پٺيءَ ۾ گوليون لڳيون، جيڪو موتمار ثابت ٿيون. مقتول جي ڀاءُ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس تعاون ڪري رهي آهي، کيس اميد آهي ته کيس انصاف ملندو. مقتول جي پاڙيسري جو چوڻ آهي ته هو آواز ٻڌي گهر کان ٻاهر نڪتو ته ڏٺائين ته فائرنگ جو واقعو ٻارن جي جهيڙي دوران پيش آيو. فائرنگ ڪندڙ عنصرن پاران ڀرپاسي جي بزرگن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته مقتول جي زال به 3 مهينا اڳ فوت ٿي وئي هئي. مقتول هڪ پٽ جو پيءُ هو. اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.