ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منشيات فروش جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، سنڌ حڪومت صوبي مان منشيات جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.هڪ بيان ۾ اطلاعات، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منشيات خلاف پوليس ۽ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول اهلڪارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.هن چيو ته منشيات فروش اسان جي نئين نسل جي رڳن ۾ زهر ملائي رهيا آهن، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، منشيات کان پاڪ معاشري لاءِ زندگي جي هر شعبي جي ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي مختلف ضلعن ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ڪارروائي دوران وڌيڪ 56 منشيات فروش گرفتار ڪيا ويا. گرفتار جوابدارن وٽان 10 ڪلو چرس، 28 گرام هيروئن، 5 گرام برف، 1036 ليٽر ديسي شراب ۽ گٽڪا هٿ ڪيا ويا آهي.بدين جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 27 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهي.دادو ضلعي جي پوليس هڪ عورت منشيات فروش سميت 29 منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن وٽان 5720 گرام چرس، 21 ليٽر ديسي شراب، 28 گرام هيروئن، 5 گرام برف ۽ 6000 گرام مضر صحت گٽڪو هٿ ڪيو ويو، سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهي.