لاهور (م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري حيرت انگيز دعويٰ ڪندي چيو آهي ته عام طور تي پنجاب جي وزير اعلي’ مريم نواز لان جا ڪپڙا خريد ڪندي آهي، جيڪا ڊريس 500 کان 800 رپين ۾ ملي ٿي. عيد جي موقعي تي هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪندڙ عظميٰ بخاري جي وائرل ٿيل مختصر وڊيو ۾ کيس مريم نواز جي فيشن سينس تي بحث ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. هن چيو ته مريم نواز کي الله تعاليٰ اهڙو خوبصورت چهرو ڏنو آهي، کيس گهڻيون شيون لڳائڻ جي ضرورت ناهي، هوءَ وڌ ۾ وڌ هڪ يا ٻه شيون رکي ٿي.تازو ئي پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي سينيئر صوبائي وزير عظميٰ بخاري پاران اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز عام ماڻهن وانگر 700، 800 روپين جا ڪپڙا پائيندي آهي، جنهن تي هاڻي سوشل ميڊيا صارفن طرفان به تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ حيرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي .جڏهن ته هڪ صارف ياسر خان لکيو ته منهنجو خيال آهي ته عظميٰ بخاري ڄاڻي واڻي ماڻهن کي مريم نواز جو مذاق اڏائڻ جو سبب ڏئي رهي آهي ۽ اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿي رهيو. جڏهن ته هڪ صارف لکيو ته هي ڪهڙي مارڪيٽ مان آهن؟مان هن غريب عورت کي 50 جوڙا ڏيڻ چاهيان ٿو. جڏهن ته ماهم بخاري نالي هڪ صارف مريم نواز جي مبينا بيگ جي تصوير اپ لوڊ ڪئي ۽ مبينا بيگ جي ڪمپني جي ويب سائيٽ تي تصوير به اپ لوڊ ڪئي، جنهن ۾ بيگ جي قيمت لکيل آهي.صارف لکيو ته رڳو 9 لکن صرف 3350 ڊالرن جو بيگ کڻي عمري تي وئي آهي