لاهور ( عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن ) جي حڪومت خلاف وجود ۾ ايندڙ تحريڪ تحفظ آئين جي تحريڪ جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان نه برابر آهي، ڇو جو تحريڪ تحفظ آئين جي پهرين جلسي ۾ تحريڪ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جيڪا تقرير ڪئي آهي، ان ۾ هُن اهو واضع اعلان ڪيو آهي ته هن تحريڪ جو مقصد حڪومت کي ڪيرائڻ نه آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو مقصد هن حڪومت کي واضع طور تي ڪيرائڻ آهي، ملڪ جي سياسي صورتحال، وڌندڙ بدامنيءَ ۽ خاص ڪري نوشڪيءَ جي واقعي جي پس منظر ۾ سياسي تجزيو ڪندي نامياري تجزيه ڪار امداد سومرو تجزيي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته هن تحريڪ جي سڀني کان وڏي جماعت تحريڪ انصاف آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران کان 3- اپريل تي تحريڪ عدم اعتماد روڪي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، هُن کي گهربو هو ته تحريڪ عدم اعتماد پيش ٿيڻ ڏئي ها ۽ ان جي نتيجن جو انتظار ڪري ها، هُن پنهنجي تجزيي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ته محفوظ آهي، ها پر اهو بي حال ضرور آهي، ڪڏهن حڪمرانن جي هٿان،ڪڏهن سياست ڪارن هٿا، ڪڏهن پوليس هٿان ته وري ڪڏهن سگهارن ادارن ۽ قوتن هٿان. پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگرد ڪاررواين جي حوالي سان ان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ان وقت کان وڌي رهيا آهن جڏهن کان پاڪستان جي سگهاري اداري جي هڪ سربراهه ڪابل ۾ طالبان اختيارين سان ملاقات دوران چانهه جو ڪوپ ڏيکاري پنهنجي سگهه جو اشارو ڪيو هو، هُن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ڪنهن حد تائين ضابطي ۾ اچي ويا هيا، ڪور ڪمانڊرز جي اجلاسن ۽ قومي سلامتي ڪميشن جي اجلاسن ۾ انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ان بعد به وڌي رهيا آهن، جڏهن کان ملڪ جي پاليسي ساز اداري جي منظُوريءَ کان سواءِ افغان مسئلي متعلق پاليسي تبديل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت دهشتگرديءَ ۾ ملوث عناصرن کي گرفتار به ڪرڻو آهي ۽ وري انهن کي آزاد به ڪرڻو آهي، افغان پناهه گيرن کي ملڪ مان ڪڍڻو به آهي ۽ وري انهن کي ملڪ ۾ آباد به ڪرڻو آهي ۽ اهڙي پاليسيءَ ڪري ڪنهن به طور تي قانون جي بالادستي قائم نه ٿي ٿئي سگهي نتيجي ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌي رهيا آهن. جڏهن اهڙن دهشتگرد عناصرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي ته پوءِ اهي ڪڏهن بلوچستان ۾ علحدگي پسندي جي نعري هيٺ دهشتگردي ڪن ٿا ۽ ڪڏهن نوشڪيءَ جهڙا وقعا ٿين ٿا، اڳوڻي ڦاٽا ۽ خيبرپختون خواهه ۾ بدامني۽ دهشتگرديءَ جا واقعا پيش اچن ٿا. تجزيي ڪار جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت خلاف جيڪا تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي ان ۾ ڪو دم نظر نه ٿو اچي ۽ نه ئي وري ويجهن ڏينهن ۾ ان جو ڪو تحرڪ نظر اچي رهيو آهي، تحريڪ ۾ شامل پنجن مان رڳو ٻه جماعتون تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي ئي سگهه واريون جماعتون آهن، پر انهن ۾ تحريڪ انصاف وري به سگهاري جماعت آهي، جڏهن ته تحريڪ جي منتظيمن جي ڪوشش آهي ته جمعيت اسلام جو قائد مولانا فضل الرحمان به هن تحريڪ ۾ شامل ٿي وڃي، ان بعد ئي چئي سگهجي ٿو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي تحريڪ ڪو نتيجو ڏئي سگهي ٿي پر هن وقت تائين جمعيت علما اسلام(جي يو آءِ ف) تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به اشارو نه ڏنو آهي ۽ نه ئي وري مولانا فضل الرحان اهو واضح ڪيو آهي ته سندس مستقبل جي سياسي حڪمت عملي ڪهڙي رهندي.