ڪنڌڪوٽ واسي ٽي دوست عيد ڏينهن کان گم، موبائل نمبر بند، اغوا جو شڪ

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:عرفان علي کوسو+ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ جي علائقي گوليمار واسي 3 دوست لياقت شيخ،محبوب ملڪ، ڪراڙو ملڪ عيد ڏينھن موٽر سائيڪل تي تنگواڻي طرف ويا ته ھو واپس نه ٿيا جن جا موبائيل نمبر به گذريل 4 ڏينهن کان بند پيل آهن ۽ وارثن پاران گهڻي ڳولا باوجود ان جو ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جڏهن ته وارٽن پاران ٽنهي نوجوانن جي لاپتا ٿي وڃڻ جو اطلاع ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي کي ڏنو آهي ان سلسلي ۾ لياقت شيخ جي ڀاءَ  راڻو شيخ ٻڌايو ته منھنجي ڀاءَ سميت ٽيئي دوست تنگواڻي ويا ته کين واپس نه ٿيا آھن هو گذريل 4 ڏينهن کان لاپتا آھن هن ٽنهي ڄڻن جي اغوا جوشڪ ظاھرڪيو آھي.هوڏانهن شهر ۾ اغوا وارداتن ۾ تيزي اچڻ بعد پوليس لاپتا ٿي ويل ٽنهي ڄڻن جي ڳولا ۾ ڪابه اڳڀرائي نه آندي آهي پوليس موجب ته ٽنهي دوستن جي لاپتا ٿي وڃڻ جو اطلاع مليو آهي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.