سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيلي جارحيت جو شڪار فلسطيني مسئلن جو شڪار آهن، پاڪستان  انهن جي هر سطح تي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسلام آباد ۾ سيرت ميوزيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خادمين حرمين شريفين ۽ سعودي ولي عهد هن ميوزيم جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن تي مان انهن جو شڪر گذار آهيان. هن اميد ظاهر ڪئي ۽ دعا ڪئي ته ميوزيم اسلامو فوبيا خلاف پروپئگنڊا خلاف هڪ مضبوط آواز بڻجي اڀرندو. شهباز شريف چيو ته سيرت ميوزيم اسلام فوبيا جي ناپاڪ پروپيگنڊا جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ڇو ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان عالمي سطح تي اسلام ۽ مسلمانن بابت منفي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.