چار جماعتي اتحادي بغير ٻڌائي ٻئي اتحاد ۾ هليا ويا: جان بليدي

ڪراچي ( م ڊ )  نيشنل پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جان بليدي چيو ته اسان جي چئن جماعتي اتحادين نئين اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ  اسان سان صلاح نه ڪئي ۽ اسان کي ٻڌائڻ کانسواءِ سني اتحاد ڪائونسل سان گڏ هليا ويا. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سان پي ڊي ايم کان گهڻو اڳ جو واسطو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي، قانون جي بالادستي ۽ جمهوريت جي استحڪام جي حوالي سان ملڪ جي جمهوري تحريڪ ۽ پارٽين سان سهڪار ڪيو ويندو، تمام جلد سمورين سياسي پارٽين جي قيادت سان مشاورت بعد اجلاس سڏايو ويندو. 2024ع جي چونڊن ۾ عوام نيشنل پارٽي کي ڀرپور مينڊيٽ ڏنو پر اليڪشن ڪميشن ۽ انتظاميا عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو.  نيشنل پارٽي پنجاب جي صدر ملڪ ايوب، اسد بٽ، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سيد سربازي ، رمضان ميمڻ، مجيد ساجدي، ايوب قريشي، پروفيسر توصيف احمد، ذوالفقار مڪي، غلام نبي، نگار بي بي، عبدالحميد ايڊووڪيٽ، حبيب بلوچ، رئوف بلوچ، ماسٽر اسلم سنيل ڪمار بزنجو، سيد تنوير شاهه، ڪي اليڪٽرڪ يونين جي اڳواڻ مير شيراز اقبال، سعيد بلوچ پڻ خطاب ڪيو. عيد ملن پارٽي ۾ نيشنل پارٽي پنجاب جي صدر ملڪ ايوب خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.