نصيرآباد(ن ع آ ) نصيرآباد لڳ ڪارنھن جي ڪوڙي الزام هيٺ ڇوڪري گوليون هڻي قتل، ڪيس داخل، ٽي ڄڻا گرفتار رپورٽ موجب نصيرآباد لڳ ڳوٺ چنھڙ ۾ سئوٽ مبینا ڪارنھن جي الزام هيٺ فائرنگ ڪري سترھن سالا ڇوڪري صبا ڌيءَ علي خان جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو جنھن بعد جوابدار اسلم جتوئي نصيرآباد ٿاڻي تي پھچي پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ھوڏانھن پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مقتول ڇوڪري جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي نصيرآباد اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ٻئي طرف پوليس ذريعن مطابق مقتول ڇوڪري کي ڪوڙي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار اسلم جتوئي شروعاتي پڇا ڳاڇا دوران مقتول ڇوڪري کي قتل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي جڏهن ته قتل ۾ خاندان جي مختلف ماڻھن جي ملوث هجڻ جو بيان رڪارڊ ڪرايو جنھن بنياد تي پوليس سرکار طرفان سب انسپيڪٽر عبيدالله عباسي جي فرياد تي گناھ نمبر 50، قلم 302، 311، 109، 120B، 148،149 پي پي سي تحت ذوالفقار جتوئي، عبدالستار جتوئي، اسلم جتوئي، توفيق جتوئي، جان محمد جتوئي سميت 8 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جوابدارن ذوالفقار جتوئي، توفيق جتوئي ۽ اسلم جتوئي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ پوليس طرفان وڌيڪ جاچ جاري آهي.