اسلام آباد ( م ڊ ) غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي، صدر آصف زرداري فوري طور جنگ بندي جو مطالبوڪري ڇڏيو آهي، آصف زرداري ايراني صدرسان فون تي رابطو ڪيو،رابطي دوران صدر شام ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي تي ڏک جو اظهارڪيو آهي، صدر آصف زرداري ايران جي صدر ابراهيم رئيسي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي، ملڪ جي صدر آصف زرداري ۽ سندس ايراني هم منصب وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي صدرن هڪ ٻئي کي عيد الفطر جي مبارڪباد ڏني، بيان موجب صدر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي تي ايراني قيادت ۽ سوگوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر آصف زرداري غزه ۾ انساني بحران ۽ اسرائيلي فورسز پاران نسل ڪشي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو، صدر پاڪستان ۽ ايران کي درپيش سڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ معلومات جي تبادلي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ٻه طرفي تعاون جي فروغ لاءِ ايران سان سمورن شعبن ۾ ڪم ڪندو رهندو.