يرپورماٿيلو/ اوٻاوڙو (رپورٽ: پريم راٺوڙ/ عبدالحئي ڇڄڻ) ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ محمد عظيم بوهڙ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ڳوٺاڻي کي گهر ۾ داخل ٿي گوليون هڻي کين قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ محمد عظيم بوهڙ ۾ هٿياربندن ڳوٺاڻي وزيراحمد بوھڙ جي گهر ۾ داخل ٿي گوليون هڻي کين قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي ميرپورماٿيلو پوليس پهچي لاش کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو اماڻيو جتي ضروري ڪارروائي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻئي پاسي ميرپورماٿيلو پوليس ٻڌايو ته بوهڙ برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار سبب وزيراحمد بوھڙ پنهنجي ئي برادري جي جوابدارن هٿان قتل ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.