پيرجوڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي ) پيرجوڳوٺ ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو،  پيرجوڳوٺ اناج منڊي وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پسٽل جون گوليون هڻي نوجوان گل حسن انصاري قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش کڻائي پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته نوجوان جي گهر ۾ قھرام مچي ويو عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، نوجوان جي قتل واقعي بعد شهر ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي، رابطو ڪرڻ تي پيرڳوٺ پوليس ٻڌايو ته نوجوان گل حسن انصاري کي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پراڻي دشمني تان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو  وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.