ٺاروشاهه ڀرسان عيد ڏهاڙي گم ٿيل نينگري زيادتي بعد قتل، جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

نوشھر فيروز (رپورٽ : عتيق الرحمان وسطڙو) ٺاروشاهه ڀرسان عيد واري ڏينھن 4 سالن جي نياڻي گھران خرچي وٺي نڪتي ته کيس اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته معصوم نينگري دعا سولنگي  کي ضمير سيال اغواڪري زنا ڪري قتل ڪري ڇڏيو،  نينگري جو لاش رات ھٿ آيو مائٽن پاران ان وحشي جوابدار  تي ڪيس داخل ڪرايو ويو،  ٻڌايو پيو وڃي ته جڏھن جوابدار کي خبر پئي ته ھو گھران ڀڄي ويو جڏھن ته ايس ايڇ او اسد نبي کچي ۽ ٺارو شاهه پوليس جوابدار جو پيڇو ڪيو ته راڄپر موري وٽ ڪيلن جي باغ ۾ لڪي ويو جڏھن ايس اڇ او  اسدالنبي کچي  سندس گھيرو تنگ ڪيو ته جوابدار فائرنگ ڪري ڏني،  پوليس موجب جوابدار ضمير سيال ۽ پوليس جي وچ ۾ مقابلو ٿي ويو مقابلي ۾ معصوم ٻارڙي سان زيادتي ڪري کيس بي درديءَ سان قتل ڪندڙ جوابدارضمير سيال مارجي ويو سندس لاش کڻائي سول استال پھچايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.