نوابشاھ (ڊ ر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري خاصخيلي ڪالوني جي رھواسي نظام پٽ ممتاز کوسو کي گوليون ھڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاھ منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو، جنھن بعد قتل ٿيل نظام کوسو جي وارثن ڀاءُ سلمان کوسو ۽ ٻين نواب شاھ پريس ڪلب ٻاهران لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته خان زرداري ۽ ٻين زرداري برادري جي ماڻهن بيگناھ گوليون هڻي اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جڏھن ته واقعي جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي سندس ڀاءُ فرمان کوسو جي فرياد تي علي زرداري، خان زرداري ۽ ھڪ نامعلوم ماڻھو مٿان داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آھي، مقتول نظام کوسو جي لاش جو پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي جتي ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.