پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم جي گورنر سنڌ سان ملاقات، اهم شخصيت جو پيغام پهچايو

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي گورنر سنڌ سان لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر عاصم  حسين گورنر سنڌ سان ملاقات ڪري اهم سياسي شخصيتن جو پيغام پهچائي ڇڏيو آهي،  گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سان پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڊاڪٽر عاصم حسين گورنر سنڌ کي عيد الفطر جون واڌايون ڏنيون، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ صوبي جي عوام جي بهتري ۽ ڀلائي وارين رٿائن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ان موقعي تي گورنر سنڌ چيو ته صوبي ۾ امن ۽ خوشحالي چاهيون ٿا، پ پ سان ڪنهن به قسم جا اختلاف نه آهن، ٻئي پاسي ڊاڪٽر عاصم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عاصم ۽ گورنر سنڌ جي ملاقات جو ڪو به سياسي پس منظر نه آهي، هن ڪامران ٽيسوري کي ڪو به سياسي پيغام ناهي ڏنو، ترجمان موجب، ڊاڪٽر عاصم جي گورنر سنڌ سان عيد جي مبارڪباد ڏيڻ جي سلسلي ۾ ملاقات ٿي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.