حيدرآباد:مقتول نينگر جي ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي، ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد فيز ون واري علائقي جي ھڪ بنگلي ۾ قتل ڪيل 15 ورهين جي معصوم نينگر محمود ملاح جي قتل ڪيس ۾ نامزد وڏيري جي ٻن پٽن گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي  آهي، ايس ايس پي حيدرآباد پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪم شروع نه ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدار ڀائرن حسن مگسي ۽ حسين مگسي جي چاچي رياض مگسي پاران راڄوڻي ڪرائي پنهنجن ڀائٽين کي قتل جي ڪيس مان آجو ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، ڪيس تان هٿ کڻائڻ جي لاءِ وارثن کي ڌمڪيون ملڻ جو سلسلو به نه رڪجي سگهيو آهي. مقتول نينگر جي وارثن، نينگر محمود ملاح جي امڙ مڊم ملاح، سئوٽ سهڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي بااثر جوابدارن جي مائٽن ۽ ڪمدار پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ راڄوڻي ڪرڻ جي لاءِ اڃا به ڌمڪيون ملي رهيون آهن، پوليس جوابدارن کي 5 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ڪيو، جنهن جو فائدو وٺندي جوابدارن ضمانت ڪرائي ورتي آهي، پوليس جوابدارن کي ضمانت ڪرائڻ جيترو وقت ڏئي ناانصافي ڪئي آهي. هنن چيو ته اڃا تائين ايس ايس پي پاران جوڙيل جي آئي ٽي اسان سان ڪو به رابطو نه ڪيو آهي، جوابدارن سان گڏ انهن جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو وڃي. هنن چيو ته جاچ ڪميٽي اسان سان ته ڪو رابطو نه ڪيو آهي، پر اسان جا نوجوان اطهر ملاح سان گڏ ڪالهه قاسم آباد ٿاڻي تي ويا هئا، جتي پوليس کي جوابدارن جي گرفتاري جي اپيل ڪئي هئي. ٻئي طرف محمود ملاح جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن مک جوابدارن حسن مگسي ۽ حسين مگسي مقامي عدالت مان 7 ڏينهن جي لاءِ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته ٽئين جوابدار منتظر شاهه اڃا تائين ضمانت ناهي ڪرائي.

  1. ايس ايس پي پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جو سربراهه موڪلن تي روانو

حيدرآباد: ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ پاران مقتول محمود ملاح جي قتل جي جاچ جي لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي جو سربراهه اي ايس پي  رانا دلاور, عيد جون موڪلون وٺي پنجاب روانو ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اي ايس پي رانا دلاور، عيد ڪرڻ جي لاءِ پنجاب پنهنجي اباڻي گهر ۾ عيد ڪرڻ جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري هاڻ اهو سوال اٿي رهيو آهي ته بنا سربراهه جي جاچ ڪميٽي ڪهڙي جاچ ڪري سگهي ٿي؟، ياد رهي ته هن جاچ ڪميٽي کي 7 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ کي ڏيڻي هئي، هن جاچ ڪميٽي ۾ ڊي ايس پي سي آئي اي محمد اسلم لانگاهه، ڊي ايس پي قاسم آباد لياقت جسڪاڻي ۽ ايس ايڇ او قاسم آباد انسپيڪٽر سجاد جتوئي پڻ شامل آهي.

  1. 5 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، وارثن ۾ ڏک جي لهر

حيدرآباد: هڪ معصوم يتيم نينگر محمود ملاح  جي قتل ڪيس جي جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ حيدرآباد پوليس جي سنجيدگي جو اندازو ان عمل مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته 5 ڏينهن کانپوءِ قتل ڪيس جا ٻھ مک جوابدار حسين مگسي ۽ حسن مگسي پنهنجي چاچي رياض مگسي جي مدد سان آساني سان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي آزاد گهمي رهيا آهن، پر پوليس 5 ڏينهن تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي. وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي خبر ٻڌي گهڻي مايوسي ٿي، اسان انصاف چاهيون ٿا، جوابدارن پاران ضمانت ڪرائڻ واري خبر کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پڻ پوليس کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته روايت موجب بااثر جوابدار آساني سان ضمانتون ڪرائي وٺن ٿا، پر پوليس هن جديد ٽيڪنالوجي جي دور ۾ به جوابدارن تائين نٿي پهچي سگهي، ان مان ئي پوليس جي سنجيدگي جو اندازو ٿي وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.