ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ مسجد ۾ دستي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 5 اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. شروعاتي اطلاعن موجب مسجد ۾ دستي بم ڌماڪو ڪيو ويو جڏهن ته ڌماڪي جو هدف مسجد جو امام هو.
ريسڪيو ذريعن موجب زخمين ۾ 5 يوسيز آفيسر به شامل آهن، شهيد ۽ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن جو تعلق ايگل اسود سان آهي. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته زخمي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.