پوءِ پوليس ۽ قانون تان ڇو نه اعتبار ختم ٿيندو!؟

تحرير : ثوبيا کوسو

جڏهن به سوشل ميڊيا تي ڪو انسان پنهنجي خلاف گارگند ، ڌمڪين ، بليڪ ميلينگ واري پوسٽ يا ميسيج ڏسندو آهي ته ان جي ذهن ۾ فوري طور ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ڊپارٽمنٽ جو نالو ايندو آهي، ۽ ايئن هو سائيبر ڪرائيم ڊپارٽمنٽ ۾ درخواست ڏيندو آهي ۽ پوءِ انتظار ڪندو ئي رهجي ويندو آهي ته ڪڏهن ٿي ڪارروائي ٿئي، ائين ئي اسان جي سنڌ پوليس به آهي.

ويجهي وقت جي ئي ڳالهه آهي ته ٽنڊوالهيار جي هڪ سوشل ورڪر پوليس آفيسر جي پٽ جي خلاف پوسٽ رکي ته هن آفيسر جو پٽ منشيات ۾ ملوث آهي، منشيات هلائي رهيو آهي ته  ان وقت ئي ان سوشل ورڪر تي چند منٽن اندر ايف آءِ آر داخل ٿي وئي ۽ کيس گرفتار به ڪيو ويو، ڇو جو هن پوليس آفيسر خلاف فيس بڪ تي پوسٽ رکي هئي .

انهيءَ ساڳئي ضلعي ٽنڊوالهيار  جي تعلقي چمبڙ ۾ هڪ سوشل ورڪر ۽ يارهين ڪلاس جي شاگردياڻيءَ جڏهن ٽائون ڪميٽي چمبڙ جي سوئيپر عورتن جي احتجاج جي وڊيو لائيو هلائي ته ان کي هڪ شخص پنهنجي اڪائونٽ تان لائيو ٿي گارگند ڪئي، ڌمڪيون ڏنيون، کيس توهين مذهب جي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي، لائيو وڊيو ۾ ان کي ڪافر چئي ماڻهن ۾ اشتعال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن شاگردياڻيءَ جڏهن سوشل ميڊيا تي اهي وڊيوز رکيون ته سموري سنڌ ان عمل جي مذمت ڪئي ۽ جڏهن اها ساڳي نياڻي ٿاڻي تي وئي ته ٽنڊوالهيار پوليس آفيسرن کيس اهو چيو ته اهو ته سائيبر ڪرائم جو مسئلو آهي، اوهان اتي درخواست ڏيو.

چوندا آهن ته قانون برابر هوندو آهي، پر ٽنڊوالهيار پوليس وٽ قانون برابر ناهي، امير ۽ پوليس لاءِ قانون ته هر وقت موجود آهي پر غريبن لاءِ صرف ڌڪا ، ٿاٻا ۽ آسرا آهن ، مونکي سخت حيرت ته ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي جو جڏهن ڪو صحافي منشيات جي خلاف لکندو آهي ته پوليس کيس ان مهل گرفتار ڪندي آهي، ڪو پوليس جي آفيسرن کي وائکو ڪندو آهي ته پوليس کيس بنا ڪنهن دير جي گرفتار ڪري وٺندي آهي، اهو ناهي ڏسندي ته اهو سائيبر ڪرائيم جو مسئلو آهي،  باقي جيڪڏهن ڪو بليڪ ميلر ڪنهن نياڻي کي گارگند ڪري ۽ هر روز ڪندو رهي، ته اهو سائيبر ڪرائيم جو مسئلو آهي.

آئون جنهن شاگردياڻيءَ جي ڳالهه ڪري رهي آهيان اها ڪا ٻي نه پر آئون پاڻ آهيان، منهنجو ڏوهه صرف اهو هو جو مون روڊ تي سوئيپر عورتن کي احتجاج ڪندي ڏسي پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي اها لائيو هلائي، ۽ انهن جو موقف ورتو، بس وڊيو هلائڻ جي دير هئي، مونکي هڪ شخص طرفان لائيو وڊيوز ۾ گارگند ڪئي وئي، الزام هنيا ويا پر جڏهن آئون اها دانهن کڻي پوليس وٽ پهتس ته انهن اهو ئي جواب ڏنو جيڪو هر عام شهري کي ڏيندا آهن اهو ته سائيبر ڪرائم جو مسئلو آهي،  آئون پڇڻ ٿي چاهيان ايس ايس پي صاحب ٽنڊوالهيار کان ته اهو سائيبر ڪرائيم جو مسئلو آهي ته پوءِ اوهان جي آفيسر خلاف رکيل پوسٽ تي ان وقت ئي ايڪشن ٿيو ڇا اهو سائيبر ڪرائم جو مسئلو نه هو؟

اهو ڪٿان جو قانون آهي؟ آئون هڪ شاگردياڻي آهيان ۽ مون تي جنهن قسم جا الزام سوشل ميڊيا تي لڳايا ويا آهن انهن الزامن سان منهنجي عزت و نفس کي ڇيهو رسيو آهي، هاڻ اها حالت آهي جو آئون شرم منجهان ڪاليج به نٿي وڃي سگهان، شهر به نٿي وڃي سگهان،ماڻهو مونکان عجيب عجيب سوال ڪندا آهن، ۽ چوندا آهن ته جيڪڏهن اوهان تي اهي الزام آهن ته پوءِ اوهان ايف آءِ آر درج ڇو نٿا ڪرايو؟ قانوني ڪارروائي ڇو نٿا ڪرايو ، هاڻ آئون انهن کي ڇا چوان ته قانون اسان لاءِ ناهي ، قانون ته وڏيرن، جاگيردارن، سرمائيدارن ، بيوروڪريٽن لاءِ آهي، قانون ته انهن پوليس وارن لاءِ آهي ۽ اها حقيقت به آهي.

جيڪڏهن قانون سڀني لاءِ برابر هجي ها ته پوءِ هيستائين مونکي گارگند ڪندڙ، الزام هڻندڙ قانون جي گرفت ۾ هجي ها، ۽ کيس سزا لڳل هجي ها ، اهڙي سزا جو وري هو ڪنهن به سنڌ جي نياڻي کي گاريون ، ڌمڪيون ۽ الزام نه هڻي ها، ترقي يافته ملڪن ۽ اسان جي هن ملڪ ۾ قانون جي معنيٰ ۽ مقصد الڳ الڳ آهن، اسان وٽ قانون جاگيردار وڏيرن بليڪ ميلرن کي تحفظ مُهيا ڪندو آهي ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ سڀ لاءِ برابر هوندو آهي، مون سان جنهن ڏينهن کان اهو مسئلو ٿيو آهي ان ڏينهن کان مختلف ڊپارٽمنٽس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پئي آهيان، ڪٿان اهو جواب ٿو ملي ته اهو سائيبر ڪرائم جو مسئلو آهي ته ڪٿي وري چون ٿا ته ڪجهه ڪونه ٿيندو ، ڀلي پيو گارگند ڪري ڪهڙو ٿو فرق پئي، ڪي وري چون ٿا ته اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، ۽ ڪي وري چون ٿا ته پوءِ تو انهن سوئيپرن جي لائيو وڊيو ڇو هلائي؟ توکي ڪهڙي لاچار هئي، ها بلڪل صحيح ٿا چون انهن لاءِ ڀلي ڪجهه نه هجي پر منهنجي لاءِ وڏي ڳالهه آهي ، آئون ڪيئن ٿي اها گارگند ، ڌمڪيون ۽ الزام برداشت ڪري سگهان؟ جنهن عمل لاءِ قانون ۾ وڏي سزا لکيل آهي انهي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ئي عمل نه ڪن ۽ ايڪشن نه وٺن ته ڇا چئجي؟  هاڻي ته منهنجو قانون تان اعتبار به ختم ٿيڻ لڳو آهي، آئون ڪنهن کي اپيل ڪيان؟ انصاف لاءِ ڪنهن وٽ وڃان؟ ڪنهن در پنهنجي دانهن کڻي وڃان؟

چوندا آهن ته قانون برابر هوندو آهي، پر ٽنڊوالهيار پوليس وٽ قانون برابر ناهي، امير ۽ پوليس لاءِ قانون ته هر وقت موجود آهي پر غريبن لاءِ صرف ڌڪا ، ٿاٻا ۽ آسرا آهن ، مونکي سخت حيرت ته ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي جو جڏهن ڪو صحافي منشيات جي خلاف لکندو آهي ته پوليس کيس ان مهل گرفتار ڪندي آهي، ڪو پوليس جي آفيسرن کي وائکو ڪندو آهي ته پوليس کيس بنا ڪنهن دير جي گرفتار ڪري وٺندي آهي، اهو ناهي ڏسندي ته اهو سائيبر ڪرائيم جو مسئلو آهي،  باقي جيڪڏهن ڪو بليڪ ميلر ڪنهن نياڻي کي گارگند ڪري ۽ هر روز ڪندو رهي، ته اهو سائيبر ڪرائيم جو مسئلو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.