رکيل مورائي نه رڳو پڪو پختو شاعر آھي پر سندس نثر به ڪمال جو آھي، جيڪڏھن ڪير مون کان پڇي ته اوھان کي رکيل مورائي جي شاعري پسند آھي يا نثر ته يقين ڄاڻو ان بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ منھنجي لاءِ ڏکيو ٿي پوندو ۽ آئون لاجواب ٿي ويندس.
رکيل مورائي جيترو وڏو ليکڪ ۽ شاعر آھي، ايترو ئي محبتي، ملنسار ۽ پيارو انسان پڻ آھي. ھونئن ته آئون سندس نالي کان ان وقت واقف ٿيو ھئس جڏھن اڃان ادبي ميدان ۾ بانبڙا پائڻ به مس سکيو ھيس پر منھنجي ساڻس روبرو ملاقات ۽ ويجھڙائپ، سال کن پھريان ٿي ھئي، جڏھن آئون پھريون ڀيرو زرار پيرزادي سان ملڻ لاءِ سندس آفيس ۾ ويو ھيم ته زرار صاحب پنھنجي ٽيبل جي سامھون چيلھه جيڏي ڪاٺ جي ديوار جي ٻئي ڀر ويٺل هڪ شخص کي سڏ ڪيو، کير جھڙن اڇن وارن ۽ شھپرن سان پينٽ شرٽ ۾ ملبوس ھڪ شخص کي مون پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو جيڪو مون سان گرمجوشي سان اھڙي طرح مليو ۽ محبت سان پيش آيو جھڙوڪ اسين ھڪ ٻئي جا جڳن کان واقف ڪار ۽ آزمايل ھجون.
رکيل مورائي سنڌ جو اھو گھڻ پڙھيو، ادب ۽ ٻوليءَ جو ڄاڻو ليکڪ آھي، جيڪو ھند توڙي سنڌ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن ۽ رسالن بابت نه رڳو معلومات رکندو آھي پر انھن کي پڙھندو به آھي ۽ انھن تي تبصرا پڻ لکندو رھي ٿو.
رکيل مورائي پنھنجي رويي ۾ ھڪ محبوب ۽ معصوم شخص آھي، جيڪو نوجوانن جي صلاحيتن جو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪا به ھٻڪ يا لڄ محسوس ڪرڻ جي بدران فخر ۽ خوشي سان چوندو رھندو آھي ۽ سندن حوصلا افزائي ڪندي کين لکڻ لاءِ ھمٿائيندو رھي ٿو.
رکيل، ھند ۽ سنڌ جي اديبن ۾ ھڪ جيترو مقبول آھي، جيڪو ٽي ڀيرا ھند ياترا ۽ سنڌي اديبن جي اڳواڻي پڻ ڪري چڪو آھي. ھن شاھه عبداللطيف ڀٽائي تي لکيل ڪيترن ئي ناليوارن اديبن ۽ عالمن جا مضمون مقالا سھيڙي ھڪ خوبصورت ڪتاب ترتيب ڏنو جيڪو ثقافت کاتي پاران شايع ڪري پڌرو ويو، جنھن ۾ اڪثريت ھندوستان جي سنڌي اديبن ۽ عالمن جي آھي، سندس ترتيب ڏنل ھيءَ ڪتاب شاھه سائين جا ڪيترائي نوان ۽ ڍڪيل رخ نروار ڪري ٿو ۽ شاھه سائين کي سمجھڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
رکيل مورائي پنھنجي سڄي حياتي ادب کي ارپي ڇڏي آھي، ادب ئي سندس جياپي جو اڪيلو ڪارڻ ۽ آڪسيجن آھي، جنھن جي آڌار تي ھو زندگي جا پساھه پورا ڪري رھيو آھي، جيڪو اڪثر چوندو رھندو آھي ته جيڪڏھن آئون ڪتابن ۾ پناھه نه وٺان ھا ته گھڻو اڳ مري چڪو ھجان ھا، کيس ان ڳالھه جو پورو پساھه آھي ته پنھنجون زندگيون ادب کي ارپيندڙ ڪڏھن به فنا ناھن ٿيندا.
جيتوڻيڪ رکيل مورائي بنيادي طور هڪ شاعر آهي، پر هو موضوع تي نه صرف دسترس رکي ٿو پر ان ۾ دلچسپي پڻ وٺندو آهي، ان لاءِ رکيل پاڻ سان گڏ مختلف ليکڪن جا مختلف موضوعن تي آڌاريل ڪتاب کڻندو آهي، ۽ هو ڪتابن کان سواءِ اڻپورو لڳندو آهي.
رکيل مورائي جو ڳاڻيٽو انهن ٿورڙن سينيئر اديبن ۾ ٿئي ٿو، جن جي قلم آڏو وقت جي ڪا به رنڊڪ ناهي آئي جيڪي لڳاتار لکندڙن سان گڏوگڏ سٺا پڙهندڙ پڻ آهن. ساڻن ادب جي ڪهڙي به موضوع ۽ صنف تي ڇو نه ڳالهايو وڃي، ايئن لڳندو ڄڻ اهي هر صنف تي دسترس رکندڙ آهن، جن تي ساڻن ڳالهايو وڃي، سنڌي ادب جي مثالي خدمتگار ۽ ڪتابن جي دنيا ۾ بي نياز رهندڙ هن شخص، جنهن کي سنڌ سميت دنيا رکيل مورائي جي نالي سان سڃاڻي ٿي، اڄ 9 اپريل جي تاريخ سندس جنم ڏينهن آهي.
رکيل مورائي پنھنجي سڄي حياتي ادب کي ارپي ڇڏي آھي، ادب ئي سندس جياپي جو اڪيلو ڪارڻ ۽ آڪسيجن آھي، جنھن جي آڌار تي ھو زندگي جا پساھه پورا ڪري رھيو آھي، جيڪو اڪثر چوندو رھندو آھي ته جيڪڏھن آئون ڪتابن ۾ پناھه نه وٺان ھا ته گھڻو اڳ مري چڪو ھجان ھا، کيس ان ڳالھه جو پورو پساھه آھي ته پنھنجون زندگيون ادب کي ارپيندڙ ڪڏھن به فنا ناھن ٿيندا.