ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو يارھون اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ڏھين اجلاس جي منٽس جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪراچي موبلٽي پروجيڪٽ يلو لائن بس سروس تي بھ ڳالھيون ڪيون ويون ۽ بس ڊيپوز، پُلين ۽ انڊر پاسز جي اڏاوت تي بھ خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي. اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ آبادي ۾ واڌ ٿي رھيو آھي اُن لاءِ سھولتن ۾ بھ اضافو اڻٽر آھي. ھن چيو تھ صوبي ۾ ماڻھن جي ضرورتن موجب بسن جو تعداد وڌايو ويندو، تھ جيئن ماڻھو بھتر طور تي آرامدھ ۽ سستي سفري سھولتن مان لاڀ ماڻي سگھن،هن چيو تھ ٽرانسپورٽ جا منصوبا جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاھيون ٿا، اجلاس ۾ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايس ايم ٽي اي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.