سينيٽ جون چونڊون مڪمل ٿي چڪيون آهن سواءِ ڪي پي ڪي جي جتي مخصوص سيٽن تي چونڊجي آيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان حلف نه ورتو ويو ۽ پئدا ٿيل بحران سبب سينيٽ جون چونڊون ملتوي ڪيون ويون. هاڻ ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لڳڻ جون ڳالهيون هلن پيون خدا نه ڪري جيڪڏهن گورنر راڄ لڳي ٿو هڪ ٻيو سياسي بحران ڪر ته کڻندو ئي کڻندو پر سياسي ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ جي ڳالهه نه ڪندي. اقتداري ايوانن مان هوا جو جيڪو نئون جهونڪو ڪر کڻندو سو سياسي وايو منڊل کي پنهنجي حوالي ڪري سگهي ٿو ڳالهه سمجهه جي آهي۔ايوان صدر ۾ سياسي صدر ۽ آرمي چيف جي تازو ٿيل ملاقات کي به اهميت واري نظر سان ڏٺو وڃي ٿو جنهن ن ليگ قيادت ۽ حلقن کي به ڪنهن حد تائين منجهائي وڌو آهي.
سينيٽ جون ٿيل تڪڙيون چونڊون ۽ ميان محمد نواز شريف کي نظرانداز ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه مخصوص وزيرن ۽ وزيراعليٰ مريم نواز سان عمري جي حوالي سان سعودي عرب پهچڻ ۽ سعودي قيادت سان پاڪستان جي مالي و سياسي مسئلن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ امداد لاءِ هٿ وڌائڻ به سياسي حلقن ۾ ڪنهن نئين پنڊوري کان گهٽ ناهن اهي به امڪان نظر انداز نٿا ڪري سگهجن ٿا ته ميان محمد نوازشريف امڪاني ملڪي سياسي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به وقت سعودي عرب يا لنڊن جو رخ ڪندو ڇاڪاڻ ته هو ملڪي سياسي سيٽ اپ ۽ طاقتورن جي روين کان پوري ريت خوش ۽ مطئمن ناهي جنهن لاءِ کيس وڏا آسرا ڏئي واپس وطن گهرايو ويو هو ۽ سندس خواهشون پوريون نه ڪيون ويون۔هن ڀيري لنڊن ياترا کيس مايوسين کانسواءِ ڪجهه به مشڪل پلئه پوي.
ملڪ ۾ قائم ٿيل وفاقي سرڪار جنهن ۾ پ پ پ ايوان صدر تائين جي رسائي ته ورتي پر صدر زرداري، بلاول ڀٽو زرداري کي وزارت عظميٰ ڏياري نه سگهيو نه وري ن ليگ کان وفاق ۾ ڪي وزارتون ورتيون البته سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ جو پڪو چيئرمن ڪرائڻ جي ن ليگ کان خاطري ورتي وئي آهي. هونئن به پ پ پ جا سينيٽ ۾ ووٽ پورا آهن پر وري جاري هوائن سبب نين ڳالهين جا امڪان به آهن ته طاقتور سينيٽ لاءِ ڪو پنهنجو چيئرمين آڻڻ چاهين ٿا جنهن لاءِ پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏو وزير محسن نقوي فيصل واوڊا ۽ انوارالحق ڪاڪڙ به اميدوار آهن جن کي به پڪو آسرو مليل آهي۔اسلام آباد ۾ ويٺل اينڪر مقتدر ۽ طاقتور ڌريون پنهنجي پٺڀرائي لاءِ چونڊيل نون سينيٽرن ۽ ٻين پارليامينٽرين کي اعلي ترين سڻڀا عهدا ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهن جنهن مان ن ليگ کي خطرو آهي جنهن جي وزارت عظميٰ واري سيٽ خطري ۾ آهي جيڪڏهن مخالف ڌر ڪو وڏو گوڙ ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ن ليگ ڪجهه وڃائي به سگهي ٿي بلڪه اهو امڪان به آهن جو ن ليگ جا اندروني اختلاف اڃا هلندڙ آهن شاهد خاقان عباسي ۽ سندس ساٿين به طاقت جا ڪيپسول وٺي رهيا آهن ۽ مخالف ڌرين سان هڪ ٿي وڃن.
ججن کي مليل ڌمڪين ۽ سندن عدالتي ڪمن ۾ سخت مداخلت تي به ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي ۽ مخالف ڌر به وفاق ۽ سگهارين قوتن خلاف ڀرپور احتجاج ڪرڻ ۽ پي ڊي ايم ٽو جي حڪومت خلاف ۽ نين چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي جو عيد ملن پارٽين ۾ سامهون ايندو جنهن سان به حالتون ڳنڀير ٿيڻ جا امڪان آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ نوان اتحاد جڙڻ جا به اطلاع ۽ امڪان آهن ۽ ٿي سگهي ملڪي مسئلا سياسي ٺاهن طرف وڌن جنهن لاءِ عمران خان جا سمورا ڪيس ختم ٿين کيس پنجاب حڪومت به واپس ڏين ۽ وفاق ۾ نين چونڊيل سينيٽرن محسن نقوي يا سيد يوسف رضا گيلاني مان ڪنهن به هڪ کي ايوان مان تبديلي جي صورت ۾ نئون وزير اعظم ڪرائين جنهن ۾ پ پ پ پي ٽي آءِ جي يو آءِ ۽ بلوچ نمائندا به وزير کڻجن ۽ ڪو نئون سيٽ اپ سامهون اچي۔ماضي ۾ صدر هڪ ڀيرو ايوان صدر ڇڏيو اٿن ته ٻيهر واپس نه وريا آهن آصف زرداري جو ايوان صدر ۾ ٻيهر واپس پهچڻ ۽ متحرڪ ٿيڻ به دنيا لاءِ ڪنهن پيغام کان گهٽ ناهي سندس سياست وارو مفاهمتي انداز طاقتورن کي مطئمن ڪري چڪو آهي آصف کي ن ليگ نه پر ڪجهه ٻين ڌرين ايوان صدر تائين پهچايو آهي جنهن مان شريف ڀائر اندروني خوش ناهن پر مجبور آهن. جيڪڏهن نئون سيٽ اپ اچي ٿو ته ان ۾ پي ٽي آءِ سميت ن ليگ جا باغي اڳواڻ به وزارتون ماڻي سگهن ٿا۔بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر پرڏيهي وزير ٿيندو۔اهڙي طرح فيصل واوڊا يا انوارالحق مان ڪو به هڪ چيئرمن سينيٽ ٿي سگهي ٿو۔مئي جون ن ليگ لاءِ ڏکيا ۽ فيصله ڪن مهينا چيا پيا وڃن.
پ پ پ ۽ پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ نوان ۽ عام ورڪر سامهون آندا آهن پر ن ليگ پراڻن کي گهڻو ڪري اڳتي آندو آهي ۽ پراڻن مان به گهڻا چونڊون هارائي اسيمبلين ۽ وزارتن کان ٻاهر آهن. ماضي جو عمران اڪيلو هو هاڻوڪي سان جي يو آءِ جماعت اسلامي جي ڊي اي سميت ننڍيون وڏيون پارٽيون گڏ آهن مقتدر ۽ طاقتور حلقا به خوفزده آهن جو معاشي ۽ سياسي بحران وڌي وڻ ٿي چڪا آهن ڊيل کانسواءِ ڪجهه به متبادل رستو بچيل ناهي هوش حواس ئي ملڪ جو مستقبل وڃي بچيو آهي جنهن تي ويجهو اچڻ وقت جي ضرورت آهي. بهرحال هوا جا نوان جهونڪا نيون تبديليون آڻي سگهن ٿا۔ هاڻوڪي صدر آصف علي زرداري ۽ 2008ع واري صدر آصف علي زرداري ۾ وڏو فرق ۽ نوان جذبا نيون سوچون آهن صرف انتظار آهي.
سينيٽ جون چونڊون مڪمل ٿي چڪيون آهن سواءِ ڪي پي ڪي جي جتي مخصوص سيٽن تي چونڊجي آيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان حلف نه ورتو ويو ۽ پئدا ٿيل بحران سبب سينيٽ جون چونڊون ملتوي ڪيون ويون. هاڻ ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لڳڻ جون ڳالهيون هلن پيون خدا نه ڪري جيڪڏهن گورنر راڄ لڳي ٿو هڪ ٻيو سياسي بحران ڪر ته کڻندو ئي کڻندو پر سياسي ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ جي ڳالهه نه ڪندي. اقتداري ايوانن مان هوا جو جيڪو نئون جهونڪو ڪر کڻندو سو سياسي وايو منڊل کي پنهنجي حوالي ڪري سگهي ٿو ڳالهه سمجهه جي آهي۔ايوان صدر ۾ سياسي صدر ۽ آرمي چيف جي تازو ٿيل ملاقات کي به اهميت واري نظر سان ڏٺو وڃي ٿو جنهن ن ليگ قيادت ۽ حلقن کي به ڪنهن حد تائين منجهائي وڌو آهي.