ڪراچي ۾ اسڪول بيگز ۾ هٿيار اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي (رپورٽر) سي ٽي ڊي انٽيليجنس ونگ اسڪول بيگز ۾ هٿيار اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. سي ٽي ڊي جي  انٽيليجنس ونگ ڪي ايم سي اسپورٽس ڪيمپ ڪامپليڪس وٽ ڪارروائي ڪندي اسڪول بيگز ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڪارروائي دوران ڪي پي ڪي پوليس جي هڪ حاضر سروس ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪري ورتو. انچارج سي ٽي ڊي راجا عمر خطاب موجب جوابدار ظهرالدين جي اسڪول بيگ مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، گرفتار جوابدار جو تعلق بين الصوبائي اسلحه اسمگلنگ گروپ سان آهي، جوابدارن جو تعلق بين الصوبائي اسمگلنگ گروپ سان آهي.

راجا عمر خطاب چيو ته دانيال اسلحه ڊيلرز قدير، صدام ۽ نديم اينڊ سنز جو مکيه آپريٽو آهي، گرفتار جوابدار اظهر الدين جي قبضي مان ڪي پي ڪي پوليس ڪارڊ به هٿ ڪيو ويو آهي، جوابدار اڳ به ڪراچي ۾ هٿيار فراهم ڪري چڪو آهي، سي ٽي ڊي انچارج ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ پاران آرمز اسمگلنگ اينڊ مانيٽرنگ ڊيسڪ ٺاهي وئي، سي ٽي ڊي جو اسپيشل ڊيسڪ مڪمل مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، ڪي پي ڪي مان 3 اسلحو ڊيلرز هن وقت تائين وڏي تعداد ۾ هٿيار ڪراچي موڪليا آهن، ٻن جوابدارن کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايف سي جا اڪثر رٽائرڊ يا برطرف اهلڪار هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن. سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب موجب شهري آرڊر آن لائن بک ڪندا آهن، دانيال منشي ڊيليوري ڪندو آهي، دانيال في پستول سفري ڀاڙو ۽ معاوضو ادا ڪندو آهي، کيس سي ٽي ڊي منتقل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.