دادو (رپورٽ: غوث جهتيال) دادو ويجهو ڪچي جي علائقي ۾ پوليس اسٽيشن اسماعيل جا ڀاڻ جي حد ۾ ڳوٺ احمد خان ڏاوڇ جو رهواسي مقامي هاري زاهد حسين ڏاوڇ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو، پنھنجي مامي عرض محمد ڏاوڇ جي زرعي زمين ۾ لڳل سولر پلانٽ ٽيوب ويل تي زاهد حسين ڏاوڇ ستل هو ته کيس اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، کوجي ڪتن جي مدد سان پوليس ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، مقتول 35 سالا شادي شده نوجوان زاھد حسين جيڪو رٽائرڊ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر خادم حسين ڏاوڇ جو فرزند ٻڌايو پيو وڃي،
مقتول جو لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو آندو ويو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس پاران فريد جتوئي، منظور جتوئي ۽ رشيد جتوئي کي گرفتاري بعد پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.