ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي ڪورنگي ويٽا چورنگي وٽ روڊ تان رڪشا هٽائڻ پوليس کي مهانگو پئجي ويو ، ڊرائيورن اهلڪارن تي حملو ڪري ڏنو, ڪورنگي ويٽا چورنگي وٽ پوليس رڪشا هٽائي رهي هئي ته ڊرائيورن ڪاوڙ ۾ اچي پوليس اهلڪارن تي حملو ڪري ڏنو . رڪشا ڊرائيورن جي تشدد سبب 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
تشدد ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن جي حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته کين اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ مقرر اهلڪار کي اندروني زخم آيا آهن . پوليس اهلڪارن مٿان حملو ۽ تشدد ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.
-
ڪراچي ۾ پوليس ۽ شهرين هٿان تشدد بعد 7 ڦورو سوگها
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي پوليس ۽ عوام جي تشدد ۾ 7 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ھٿيار ۽ ٻيو سامان پوليس ھٿ ڪري ورتو، بلديا ٽائون جي علائقي رشيد آباد نيشل فوڊ ڪمپني ڀرسان پوليس مقابلي ۾ 4 ڦورو شبير ولد حفيظ، وحيد الله ولد مسلم خان، حضرت علي ولد شير افضل ۽ عنايت رحمان ولد دائود شاھ کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو،
پاڪ ڪالوني ٿاڻي جي پوليس موجب ميوا شاھ حسيني باغ جي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ جوابدار ارسلان عرف اسو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو. شاھ لطيف ٽائون سيڪٽر 21 A ڪپ شپ ھوٽل جي ڀرسان عوام جي تشدد ۽ فائرنگ ۾ 2 ڦورو مجاھد ۽ اسد ولد محمد علي کي زخمي ٿي پيا.
-
ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ هڪ شهري فوت، فائرنگ واقعن ۾ 4 زخمي
ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثي ۾ ھڪ شھري فوت ۽ فائرنگ ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڊيفنس فيز 5 خيابان محافظ ڀرسان اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل 32 سالن جو نوجوان فوت ٿي ويو. ماڊل ڪالوني جي علائقي ٽيلفون ايڪسچينج ڀرسان جھيڙي دوران ڏنڊا هڻي محمد اقبال ولد محمد رياض زخمي ٿيو،
گلشن معمار موڙ جي ڀرسان ڦر مذاحمت تي فائرنگ جي نتيجي ۾ سونو خان ولد دين محمد زخمي ٿيو. اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس مطابق اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا يارنهن رئيس امروٽي پي ايس او پمپ ڀرسان سيڪورٽي گارڊ جي اتفاقي گولي لڳڻ سان 2 ماڻھو شھباز ولد اسلم ۽ فيصل ولد شوڪت زخمي ٿي پيا ۽ پوليس سيڪورٽي گارڊ کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڏني.