قاسم آباد واقعو، نينگر محمود جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن کي ڌمڪيون

حيدرآباد (رپورٽر) قاسم آباد فيز ون واري علائقي جي ھڪ بنگلي ۾ قتل ڪيل معصوم نينگر محمود ملاح جا قاتل 4 ڏينھن گذرڻ باوجود گرفتار نھ ٿي سگھيا، پوليس جي جاچ ۾ ڪا اڳڀرائي نھ ٿي سگھي آھي،  مقتول نينگر جي وارثن واقعي بعد جوابدار ڀائرن ۽ سندس چاچي پاران نينگر جو لاش لڪائڻ جي ڪوشش جو بھ انڪشاف ڪيو آھي، جڏھن تھ جوابدارن جو بااثر چاچو، مائٽ ۽ ڪمدار مقتول نينگر جي وارثن کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ لڳا آھن، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي يا قاسم آباد ٿاڻي مقتول نينگر جي وارثن سان ڪنھن بھ قسم جو رابطو نھ ڪيو آھي، جنھن جي ڪري مقتول نينگر جا وارث پوليس جي ڪارڪردگي کان مايوس ٿي ويا آھن. قاسم آباد ٿاڻي جي حد قاسم آباد فيز ون جي ھڪ بنگلي ۾ جوابدارن حسن مگسي ۽ حسين مگسي پاران بنگلي تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ آندل حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي جي ڳوٺ الھبچايو ميربحر جي رھواسي نينگر 15 ورھين جي محمود ملاح کي پنھنجي ھڪ دوست منتظر شاھھ سان گڏ قتل ڪرڻ واري واقعي کي 4 ڏينھن گذري ويا آھن،

پر پوليس اڃا تائين ڪيس ۾ گھربل جوابدارن کي گرفتار نھ ڪري سگھي آھي، پوليس جي جوڙيل جي آئي ٽي وارثن سان رابطو ڪري ڪيس جي جاچ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪو تحرڪ نھ ورتو آھي، جنھن جي ڪري مقتول نينگر جا وارث پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس ٿي ويا آھن، جوابدارن ۽ انھن کي بچائيندڙن خلاف ڪا بھ ڪارروائي نھ ٿيڻ ڪري وارثن کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ملي رھيون آھن، وارثن جو چوڻ آھي تھ جوابدارن جو چاچو رياض مگسي، ارشاد مگسي ۽ ڪمدار لطف مگسي اسان کي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، جنھن ڪري اسان عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھيون، 4 ڏينھن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نھ ٿيڻ پوليس جي ناڪامي آھي، جڏھن تھ قتل جي ھن ڪيس جا نوان رخ پڻ سامھون اچي رھيا آھن، وارثن اھو انڪشاف ڪيو آھي تھ جوابدارن ۽ سندس چاچي رياض مگسي پاران نينگر محمود ملاح جو لاش گم ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي، پر ھو ان ۾ ڪامياب نھ ويا، جنھن کانپوءِ ھنن ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ جوابدار پيش ڪرڻ ۽ پوليس جي ڪارروائي شروع ڪرائڻ جا واعدا ڪيا.

  1. آئون ڪنھن بھ صورت ۾ پٽ جي ڪيس تان ھٿ نھ کڻنديس: امڙ

حيدرآباد: مقتول نينگر محمود ملاح جي امڙ مڊم ملاح عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ جوابدارن حسن، حسين ۽ منتظر شاھھ  منھنجي پٽ کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش کي گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لاش گم نھ ڪري سگھيا، ھنن منھنجي پٽ جو لاش سندس چاچي پير بخش ملاح اھو چئي ڏنو تھ ماٺ ڪري وڃي لاش کي دفنائي ڇڏيو، ڪنھن سان بھ ڪا ڳالھھ ڪندا تھ سٺو نھ ٿيندو. ھن چيو تھ اسان کي ڌمڪايو پيو وڃي، جوابدارن جو چاچو رياض مگسي، سندس ڪمدار لطف مگسي ۽ ارشاد مگسي ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي تھ ڪيس تان ھٿ کڻو ۽ چپ ڪري ويھي رھو، جوابدار حسن ۽ حسيب مگسي جي چاچي رياض مگسي جو ڪمدار لطف مگسي تڏي تي آيو، پر ھن تعزيت ڪرڻ بجاءِ اسان کي گھٽ وڌ ڳالھائيندي ڪيس تان ھٿ کڻڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو. ھن چيو تھ آئون ڪنھن بھ صورت ۾ پٽ جي ڪيس تان ھٿ نھ کڻنديس، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، پوليس جوابدارن جي مٽن مائٽن کي گرفتار ڪري تھ اھي پاڻ ئي جوابدارن جي گرفتاري پيش ڪرائيندا. ھن چيو تھ منھنجي پٽ محمود کي جوابدار حسن ۽ حسين مگسي گذريل ھفتي جي اربع جي ڏينھن زوري ڳوٺ مان کنڀي کڻي ويا، پٽ وڃڻ کان انڪار ڪري وڃي کٽن جي ھيٺيان لڪو ھو، پر جوابدار کيس گھيلي کڻي ويا ۽ قاسم آباد ۾ خميس جي رات پنھنجي دوست منتظر شاھھ سان گڏ زبردستي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي پٽ کي گولي ھڻي قتل ڪيو ويو، منھنجو پٽ وڏيرن جي بنگلي تي ڪم نھ ڪندو ھو. ھن چيو تھ جوابدارن حسن مگسي ۽ حسين مگسي پٽ کي چيو ھو تھ ھلي اسان جي بنگلي تي مزدوري ڪر، پٽ کي بنگلي تي کڻي وڃڻ کانپوءِ کيس ماني بھ نھ ڏني وئي. ھن چيو تھ اسان ڪنھن بھ صورت ۾ جوابدارن سان ٺاھھ نھ ڪنداسين، اسان کي پئسا ۽ زمينون نھ گھرجن، پٽ جي قاتلن کي ڦاھي جي سزا اچڻ گھرجي.

  1. جوابدار ٻن ٽن ڏينهن لاءِ نينگر کي وٺي ويا  ۽ قتل ڪري ڇڏيو: اطهر ملاح

حيدرآباد: جوابدارن حسين مگسي ۽ حسن مگسي وارن جي بنگلي تي ڪم ڪندڙ مقتول نينگر محمود ملاح جي سئوٽ ۽ واقعي جي شاھد  اطھر ملاح جو چوڻ ھو تھ حسن ۽ حسين مگسي ٻئي ڀائر ڳوٺ ۾ پنھنجي اوطاق تي آيا ۽ منھنجي مامي کي چيو تھ ھي ڇوڪرو اسان کي ڪجھھ ڏينھن جي لاءِ ڏيو تھ ھلي اسان جي بنگلي تي ڪم ڪري، مامي کين چيو تھ ھي اتي مستقل نوڪري نھ ڪندو، باقي ٻن ڏينھن جي لاءِ توھان ڀلي کيس وٺي وڃو، نينگر محمود ملاح انھن سان گڏ وڃڻ جي لاءِ تيار نھ ٿيو ۽ ھو اوطاق واري پاسي کان ڀڄي اچي ڳوٺ پھتو، پر حسين ۽ حسن مگسي سندس جان نھ ڇڏي ۽ گاڏي ڪاھي اچي ڳوٺ ۾ پھتا، جتان کيس زبردستي گاڏي ۾ کڻي ھليا ويا، آئون بھ بنگلي تي ڪم جي لاءِ پھتس جتي محمود ڪم ڪار ڪيو پئي، رات جي وقت حسين مگسي، حسن مگسي ۽ سندن دوست منتظر شاھھ ڪمري ۾ گڏ ويٺا ھئا، اھي ٽئي ڄڻا اڪثر شراب بھ پيئندا ھئا .

۽ اسپيڪرن جي وڏي آواز ۾ سندن ڪمري ۾ راڳ بھ ھلندو ھو، ان رات منھنجي طبيعت خراب ھئي، آئون ٻاھر ئي کٽ تي ستل ھوس، حسن مگسي، حسين مگسي ۽ منتظر شاھھ نينگر محمود ملاح کي پنھنجي ڪمري سڏيو، ان دوران ڪمري ۾ ميوزڪ ھلي رھي ھئي ۽ ساڍي 11 وڳي ڌاري مون فائر جو آواز ٻڌو، ان ئي وقت مونکي اتي موجود بنگلي جي ھڪ ٻئي ملازم شاھد ملاح اچي اٿاريو تھ ننڍڙي محمود کي گولي لڳي آھي، مون ڪمري ۾ وڃي ڏٺو تھ حسين مگسي جي ھٿ ۾ پسٽل ھو، حسن مگسي اتي موجود ھو

  1. ڳوٺ الهبچايو ميربحر لاءِ ٺهيل پرائمري اسڪول به بند، رياض مگسي جي ڍورن جو واڙو بڻيل

حيدرآباد: ڳوٺ الھبچايو ميربحر جي لاءِ ٺھيل پرائمري اسڪول بھ بند آھي، نھ اتي استاد مقرر ٿيل آھي ۽ نھ ئي ڪو عملو موجود آھي. مقتول نينگر محمود ملاح جي وارثن جو چوڻ آھي تھ اسڪول کي بھ رياض مگسي  پنھنجن ڍورن جو واڙو بڻائي ڇڏيو آھي، ڪير به هنن بااثرن کان پڇڻ وارو ناهي.

  1. جوابدارن اسان کي چيو ته ڪجهه به ٿيو ته توهان جو خير ناهي: مقتول جو سئوٽ

حيدرآباد: مقتول نينگر محمود ملاح جي سئوٽ سھڻي ملاح الزام ھڻندي چيو تھ نينگر محمود ملاح کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش لڪائڻ جي ڪوشش واري عمل ۾ جوابدارن حسن مگسي، حسين مگسي ۽  منتظر شاھھ سان گڏ رياض مگسي ۽ ارشاد مگسي بھ شامل ھو، پر ھو لاش لڪائي نھ سگھيا، جنھن کانپوءِ جوابدارن جو چاچو رياض مگسي ۽ ارشاد مگسي رات جو اسان جي ڳوٺ آيو ۽ منھنجي چاچي پير بخش کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا ۽ کيس چيو تھ لاش خاموشي سان دفنائي ڇڏيو، توھان سان وھنوار ڪنداسين، ايف آئي آر چوندا اھا بھ ڪٽرائينداسين ۽ جوابدارن کي بھ پيش ڪنداسين، جنھن کانپوءِ نينگر محمود ملاح جو لاش ڳوٺ پھتو، پر صبح جو 10 وڳي تائين رياض مگسي ۽ ارشاد مگسي اسان وٽ نھ آيا ۽ اسان واپس لاش کڻائي حيدرآباد پھتاسين، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي ايف آئي آر داخل ڪرائي، جڏھن تھ جوبدارن جو چاچو رياض مگسي ٻئي ڏينھن تي پنھنجي ڪمدار لطف مگسي سان گڏ آيو، جنھن اسان سان ڏک ونڊڻ بجاءِ ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو تھ توھان ڪجھھ بھ ڪريو، پر اسان کي ڪجھھ بھ ٿيندو، توھان پنھنجو خير گھرو، ھاڻ اسان کي خدشو آھي تھ ھي جوابدار اسان کي جاني نقصان پھچائيندا. رياض مگسي اسان جي ڳوٺ جا رستا بند ڪندو آھي، زمين مان مال جو گاھھ بھ ڪرڻ ناھي ڏيندو ۽ اسان جا ماڻھو سندس زمين تي جيڪا مزدوري ڪندا آھن ان جو اجورو بھ ناھي ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.