پاڪ – ايران گيس پائيپ لائين جي ٻيهر سروي جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پاڪ -ايران گيس پائيپ لائين جي تعمير کان اڳ پائيپ لائين جي ٻيهر سروي ڪندو. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب گوادر کان ايراني سرحد تائين 80 ڪلوميٽر پائيپ لائين وڇائي ويندي. انٽر اسٽيٽ گيس سسٽم سروي جي جائزي لاءِ ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن، سروي ۽ انجنيئرنگ ڊيزائن لاءِ صلاحڪارن جي ڀرتي ڪئي ويندي. پيٽروليم ڊويزن  موجب منصوبي جي اڳوڻي سروي ۽ انجنيئرنگ ڊيزائن ڏهاڪو سال پراڻي آهي ۽ پاڪستان 18 ارب ڊالر جي ڏنڊ کان بچڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.