خضدار ۾ بم ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

خضدار(رپورٽ:يار محمد بروهي) خضدار جي ڪاروباري مرڪز عمر فاروق چوڪ تي بم ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي ٿي پيا، واضح رهي ته عمر فاروق چوڪ جي ايريا ۾ اڪثر شاپنگ سينٽر سميت اهم  ڪاروباري مرڪز آهن، عيد جي موقعي تي عورتن ۽ ٻارن جو هجوم خريداري لاءِ عمر فاروق چوڪ جو رخ ڪندو آهي، شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته ڌماڪو موٽرسائيڪل ريموٽ ڪنٽرول بم ذريعي ڪيو ويو، جاچ مطابق ويجهو بيٺل پوليس جي گاڏي هدف هئي، ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.