مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروايون جاري

ڪراچي (رپورٽر)  سينيئر  وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ پاران ٽريفڪ پوليس، ضلعي پوليس، موٽر وي پوليس جي سهڪار سان روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي آفيسرن پاران اضافي ڀاڙن خلاف مهم جي سلسلي ۾ ڪارروايون جاري آهن.  گذريل ڏينھن سيڪريٽري پي ٽي اي، آر ٽي اي، ڊي آر ٽي اي ۽ ٻين فيلڊ آفيسرن انٽر سٽي ۽ بين الصوبائي مسافر گاڏين جي چيڪنگ ڪئي.مهم دوران 1012 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي، مسافرن کان واڌو ڀاڙي طور اوڳاڙيل  22 لک 85 هزار رپيا اضافي رقم موقعي تي ئي مسافرن کي واپس ڪرائي وئي .

۽ اضافي ڀاڙو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن کي 7 لک 32 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.سنڌ جي سينيئر وزير ۽ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مسافرن کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ منصفاڻي ڀاڙن جي وصولي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي پھرين اوليت آهي، مهم جو مقصد مسافرن کي درپيش مشڪلاتن جو خاتمو آهي.هن چيو ته مسافرن جي مجبوري جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف سخت قدم کنيا ويندا، مسافرن سان ناانصافي ڪندڙن کي  بخش نه ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽرن کي اخلاقي معيار برقرار رکڻ گهرجي ۽ مسافرن جي آرامده ۽ محفوظ سفر کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.