اسلام آباد ( م ڊ ) آصف زرداري ترڪ صدر رجب طيب اردغان سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر آصف علي زرداري جو ترڪ صدر رجب طيب اردغان سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.صدر آصف زرداري مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو. هن ترڪ صدر کي عيدالفطر جي اڳواٽ مبارڪباد ڏني.صدر آصف علي زرداري ترڪ صدر رجب طيب اردگان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي به دعوت ڏني. جڏهن ته هن ترڪ صدر ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اطهار ڪيو.