9 مئي جي جوابدارن جي فوجي عدالتن مان آزاديءَ جو عمل شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن مان 9 مئي جي جوابدارن جي آزاديءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. محمد ادريس نالي پهريون قيدي آزاد ڪيو ويو. جي ايڇ ڪيو تي حملي جي الزام ۾ گرفتار محمد ادريس کي فوجي  عدالت آزاد ڪيو هو. ياد رهي ته 28 مارچ تي سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي اهڙن ڪيسن جي ٻڌڻي جي مشروط اجازت ڏني هئي، جن ۾ جوابدارن کي عيد کان اڳ آزاد ڪرڻ جو امڪان آهي. ان وقت اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو هو ته ڪل 105ماڻهو فوج جي حراست ۾ آهن، جن مان 20 ماڻهن کي عيد کان اڳ آزاد ڪري سگهجي ٿو. اٽارني جنرل چيو هو ته گهٽ سزا وارن کي رعايت ڏئي آزاد ڪيو ويندو، جن جي سزا هڪ سال آهي انهن کي رعايت ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.