اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران توشه خانه ڪيس بابت سينيئر فوجي قيادت تي لڳايل الزامن کي رد ڪندي انهن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي وفاقي وزير لکيو آهي ته عمران خان خوف واري جي حالت ۾ اهڙا الزام لڳائي رهيو آهي، اهي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام آهن، جنهن جو ڪو به ثبوت ناهي. هن چيو ته عمران خان ۽ سندس گهرواري ٻئي توشا خانه جي ڦرلٽ ۾ ملوث هئا. هن چيو ته ثابت ٿيو ته هو ڪرپشن ۽ غبن ۾ ملوث هو. هن چيو ته 9 مئي جهڙا رياستي ادارن تي حملا ۽ شهيدن کي بدنام ڪرڻ واري مهم سندن پاليسي رهي آهي پر پروپئگنڊا ۽ ڪوڙ ذريعي سچ کي لڪائي نٿو سگهجي. ياد رهي 2 ڏينهن اڳ ايڪس تي ڪيل ٽوئٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم الزام هنيو هو ته اعليٰ فوجي قيادت مونکي دٻائڻ لاءِ توشه خانه ريفرنس ۾ مون کي ۽ منهنجي گهرواري بشرا بي بي کي 8 فيبروري جي عام چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.