رتوديرو(پ ر)شهيد بشير خان قريشي جي 12 ورسي جي موقعي تي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت، امجد خان مهيسر، ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو، ضلعي چيف آرگنائيزر عزيز الرحمان شيخ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جسقم جي سوين ڪارڪنن سان گڏ شهيد وڏي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلام پيش ڪيو ويو، جڏهن ته شهيد جي مزار تي ايندڙ ڪارڪن ۽ صحافين کي روزو افطار پڻ ڪرايو ويو، ان موقعي تي صنعان خان قريشي چيو ته شهيد بشير خان قريشي سائين جي ايم جو سپاهي ۽ سنڌ جو عاشق هو، هو رات ڏينهن جدوجهد جي پنڌ ۾ رهيو، هن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، اڄ به هر ڏک ۽ تڪليف ۾ سنڌ شهيد کي ياد ڪري ٿي، شهيد جي قرباني ۽ لازوال جدوجهد سنڌ لاءِ حوصلو ۽ مشعل راھ آهي، هن چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، روز سازشون ٿي رهيون آهن، سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ تنهن ڪري سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ شهيد بشير خان قريشي جي اختيار ڪيل جدوجهد جي رستي تي هلي سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ، سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ بدامني، منشيات خلاف مسلسل تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته 27 رمضان شريف ۽ عيدالفطر جو ويجهو هجڻ سبب شهيد جو قومي جلسو عيدالفطر جي ٽئين ڏينهن تي رکيو آهي، جنهن ۾ شهيد جا هزارين عاشق، شهيد جا دوست ساٿي شريڪ ٿيندا، جنهن قومي جلسي جي سڄي سنڌي قوم دعوت ٿو ڏيان، امجد خان مهيسر، ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو چيو ته شهيد سنڌ جو وڏو هو، جنهن کي صدين تائين سنڌ ياد ڪندي رهندي، جڏهن ته شهيد جي مزار تي حاضري وقت شبير شر، يعقوب عارباڻي، اياز ڪورائي ،مختيار پنهور، اصغر ڪورائي سميت سوين ماڻهو موجود هئا.