اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته منهنجي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي اجازت کانسواءِ اسٽيبلشمينٽ جي ڪنهن به عهديدار سان ملاقات ناهي ڪئي،
هر سطح تي ڳالهيون ٿينديون آهن، هر مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ٿيندو آهي.علي زيدي چيو ته پي ٽي آءِ اندر ڪجهه مفاد پرست سازشين حسد جو ڪوڙو داستان ٺاهي ڇڏيو.ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ راجا اظهر علي زيدي کي جواب ڏيندي چيو ته کيس خبر آهي ته ڪير هلي رهيو آهي جنهن جو تالو آهي، علي زيدي عمران خان جي مرضي کانسواءِ طاقتور حلقن سان رابطي ۾ هو.هن چيو ته 9 مئي کانپوءِ باني پي ٽي آءِ پنهنجي موجودگي ۾ علي زيدي جي ميمبرشپ ختم ڪئي، علي زيدي جي اڳوڻي وزارت جي موٽي فائيل پي ٽي آءِ جي باني وٽ آهي.