ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو/ ممتازسنڌي) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي آفيس پھتو جتي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور، شڪارپور،گھوٽڪي ضلعي جي پوليس ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن هن چيو ته ڪنڌڪوٽ 12 ،13 سالن کان مذڪوره ضلعي ۾ اغوا وارداتون تيز رھيون آهن، ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس پاران عورتاڻاڻي آواز ۾ هرکجي ڪچي ويندڙن 529 ماڻھن کي اغوا کان بچايوآھي، ھن وقت اسان جي ڪوشش آھي ته ماڻهن کي اهڙي نموني ڌاڙيلن وٽ آسان هدف بڻجڻ کان بچايون ۽ پوليس فورس ڪچي جي مختلف روڊ رستن کان مقرر آهي ۽ هر ايندڙ ويندڙ کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي ان دوران ڪيترن ئي پرديسين کي ڪچي وڃڻ کان روڪي انهن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو آهي.ماڻهو اهڙن بيوقوفي واري حرڪتن کان بچي ته جئين کين گهرڀاٿي پريشاني کان بچي سگهن ۽ پوليس به ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري سگهي اسان کي ڌاڙيلن خلاف فائيٽ ڪرڻوآھي انهن سان مصلحت نه ڪرڻو آھي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته اسان وٽ سڀ اختيار آھن استعمال ڪري سگھون ٿا، ڏوھارين وٽ ڪجهه ھٿيار وڏا آھن ۽ ڏوهارين جي ڀيٽ ۾ پوليس وٽ ڪجهه ننڊا آھن ھاڻي اسان وڏن ھٿيارن لاءِ ڪوشش ورتي آھي جلد وڏا ھٿيار ملندا آءِ جي سنڌ چيو ته ميڊيا ۽ پوليس جي گڏيل ڪوششن سان به بھتري اچي سگھي ٿو.هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ سنڌ چيو ته پريا ڪماري جي بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڏنو آھي ڪجه ڪِلو مليا آھن پريا ڪماري بابت پيش رفت آھي، آءِ جي سنڌ ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قبيلائي تڪرارن جي ڪري به بدامني ۾ اضافو ٿيوآھي، فضيلا سرڪي جو مون کان اڳ ڪيس آھي ان تي ڪم نه ڪري سگھياسين فضيلا سرڪي ڪيس بابت مون کي ايتري معلومات نه آھي، بدامني جي خاتمي لاءِ عوام پوليس جو ساٿ ڏي.هن چيو ته ڪراچي ۾ وڏي آبادي رش آھي ڪراچي ۾ به ڪافي بھتري ٿي آھي ڪله ڪوبه ڪرائيم نه ٿيو آھي.هن چيو ته گھوٽڪي ۾ اڳ 26 ماڻھون اغوا ھئا ھاڻي ھڪ به اغوا نه آهي، اسان کي چيلينج آھن انھن کي باخوبي سان منھن ڏينداسين.آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ٻاھريان ايندڙ جديد ھٿيارن جي روڪ ٿام لاءِ اپاءُ وٺون ٿا، ڪشمور،گھوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ امن امان جو مسئلو آھي حڪومت ۽ اسان جي ڪوششن سان آفيسرن کي فري ھينڊ مليل آھي آفيسر امن و امان جي بحالي لاءِ جيڪي قدم کڻن کڻي سگهن ٿا ۽ بھتري ضرور ٿيندي، ڏوھاري پيش پون ته انھن کي داخل ٿيل ڪيسن کي منھن ڏيڻو پوندو ۽ پنهنجي سٺي زندگي گذارين.هن چيو ته ڪچو ھتان شروع ٿئي ٿو ٺٺي تائين آھي ڪافي گينگ ھئا ختم ٿيا.پوليس ڪم ڪري ٿي حڪومت جو تعاون آھي اسان جي نيڪ نيتي آھي امن بحال ڪرائينداسين، ڪنڌڪوٽ ۾ 9 مغوي ڌاڙيلن وٽ آھن.روڊن تي ڏوھاري اچي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پنھنجا مطالبا منڃرائڻ چاھن ٿا انھن جي سازش ناڪام ويندو.اسان جا جوان شھيد ٿين ٿا ڇا اسان دلاسو ڏيون ٿا.اسان چاھيون ٿا بھتر رپورٽنگ ٿئي پوليس جي بھتر ڪم کي ساراھيو وڃي، مان اڄ ھت آيو آھيان تُرڪي کان جديد ھٿيار پوليس کي ملي ويندا. پئيسا به گورنمينٽ ڏنا آھن اسان وٽ ھٿيار آھن اڃا به جديد ھٿيار گھرايون ٿا.اسان کي وقت ڏيو الله طاقت ور آھي توھان جي سپوٽ جي ضرورت آھي بھتري ٿيندي.آءِ جي سنڌ کان پڇيل سوال ۾ هن چيو ته استاد الله رکيو نندواڻي جي قاتلن لاءِ ڪاروائي ڪئي آھي جوابدار پيش ٿين ٿا.