ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايم ڪيو ايم جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پوليس کي تڪراري بڻائي ڏوهارين کي فائدو پهچائي رهي آهي، پارٽي جي اعليٰ قيادت جي ڪوشش آهي ته صوبي مان ڏوهارين جو خاتمو ڪيو وڃي،
ل
ڳي ٿو ته خواجه اظهار الحسن شهباز شريف جو ترجمان بڻجي ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته عوام جو ڏک ۽ احساس هاڻي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي هو ۽ سندن پارٽي حڪومتي بينچن تي ويٺي آهي، اوهان هر حڪومت جو حصو آهيو، ان وقت اوهان ستي پيئندا آهيو ڇا ان وقت اهو درد ۽ احساس ڪنهن هنڌ غرق ٿي ويندو آهي يا ڪنهن ڍير هيٺان دفن ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن اوهان ۾ اخلاقي جرئت آهي ته پوءِ سياسي بيانن بدران ميدان ۾ اچو ۽ صوبائي حڪومت سان گڏ ويھي عوام جي سور تڪليف جي ڳالهھ ڪريو، سنڌ پوليس هن وقت بهترين ڪم ڪري رهي آهي، نگران حڪومت جي دور ۾ مسئلا هئا پر سنڌ حڪومت جي مثبت ۽ عوام دوست پاليسي جي ڪري پوليس ۾ بتدريج بهتري اچي رهي آهي، امن امان جي صورتحال به پوليس جي ڪنٽرول هيٺ آهيم عوام جا مسئلا ۽ مشڪلاتون حل ٿي رهيون آهن ۽ ان حوالي سان پوليس بهترين حڪمت عملي تحت اڳتي وڌي رهي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين ڏوهاري عنصرن جو جلد خاتمو ڪيو ويندو، آءِ جي سنڌ سمورن علائقن ۾ امن امان جي حوالي سان سرگرم آهي، هينئر به اهي سنڌ جي ڪچي علائقن ۾ آهن. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته عوام پريشان ٿيڻ بدران پنهنجي ماضي کي ياد ڪيو، ان وقت به اهي ئي ماڻهو انتهائي خوف ۽ دهشت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، اهو ياد رکو. هي مفاهمتي پاليسي جو دور آهي ۽ سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، هي دور سياسي دڪاندارن جو دور ناهي، پر حقيقي نوڪرن جو دور آهي، خواجه اظهار الحسن کي طنزيه انداز ۾ مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان جا پاڙيسري ۽ رهواسي اوهان کان خوش آهن؟ سنڌ حڪومت عوام جي حقيقي مددگار ۽ خير خواھ آهي.