ڌاڙيلن جي آءِ جي سنڌ کي سلامي: ڪشمور ويجهو پيءُ پٽ اغوا

ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي)ڪشمور ويجهو گيھلپور ٿاڻي جي حد گنڊير شاخ ڇوھارا پل وٽان ڪشمور واسي پيءُ پٽ پيسٽيسائيڊ ڪمپني جي ڪار سميت ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويا ڪشمور واسي پيسٽيسائيڊ ڪمپني جو ملازم سراج احمد گولاٽو سندس پٽ شھريار گولاٽو گيھلپور ڪچي طرف ڪمپني جي ڪار ذريعي ويا گنڊير شاخ ڇوھارا پل وٽان ھٿياربند اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا پوليس کي اطلاع باوجود گيھلپور ۽ حاجي خان شر ٿاڻي جي پوليس ڏوهارين خلاف ڪا تڪڙي ڪارروائي عمل ۾ نه آندي مغوين جا وارث پنھنجي برادري جي ماڻهن سان گڏجي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي طرف روانا ٿي ويا، مغوي سراج احمد گولاٽو ۽ شھريار گولاٽو جي وارثن منير احمد گولاٽو جو چوڻ هو ته گيھلپور پوليس طرفان ڪو سھڪار نٿو ڪيو وڃي پنهنجي مدد پاڻ تحت گيھلپور ڪچي ۾ پنهنجي مغوين جي بازيابي لاءِ پاڻمرادو ڪوشش ڪري رهيا آهيون ايس ايس پي ڪشمور نوٽس وٺي نوجوان سراج گولاٽو ۽ پٽ شھريار گولاٽو کي آزاد ڪرايو وڃي ٻئي پاسي ڪشمور پوليس پاران مغوي پيءُ پٽ جي آزادي ڪي به اپاءُ ناھن ورتا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.