ڪراچي ( م ڊ ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته امن امان جي بحالي هر صورت ۾ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته خواجه اظهار کي سٺي ساک جي آءِ جي مقرري تي ايترو ڏک ڇو پهتو آهي،
هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه امن امان جي بحالي لاءِ آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي هدايتون ڏنيون آهن.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح امن امان کي هر صورت ۾ بحال ڪرڻ آهي، ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ اسٽريٽ ڪرائم خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته خواجا اظهار اطمينان ۾ رهن سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪندي. ناصر شاهه چيو ته خواجا اظهار اهو به چيو ته ن ليگ کي بليڪ ميل ڪري آءِ جي مقرر ڪرايو ويو آهي، هن چيو ته ان بيان مان لڳي تو خواجا اظهار ن ليگ جو ترجمان آهي، امن امان تي ڳالهه ٻولهه صرف سياسي آهي.
-
ڪراچي ۾ اي وي سي سي ۽ سي پي ايل سي جي ڪارروائي، 2 مغوي آزاد
ڪراچي (رپورٽر ) اي وي سي سي پوليس ۽ سي پي ايل سي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڳجهي اطلاع تي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 4 ڄڻن سميت 5 اغواڪارن کي گرفتار ڪري ورتو، سندن قبضي مان 2 يرغمالين کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو. آچر جي صبح اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل پوليس ۽ سٽيزن پوليس رابطا ڪميٽي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 4 زخمين سميت 5 اغوا ڪارن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 2 مغوين کي سندن قبضي مان باحفاظت آزاد ڪرايو ويو، ايس ايس پي اي وي سي سي ظفر صديق ڇانگا موجب گرفتار ٿيل ڏوهارين سرگوڌا پنجاب جي حد بهادر آباد مان 2 شهرين کي اٽلي موڪلڻ جي خاطري تي اغوا ڪيو هو، اغوا ڪندڙن يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، هن چيو ته اي وي سي سي ۽ سي پي ايل سي نظر واري علائقي ۾ ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪئي، اغوا ڪندڙن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ 4 زخمين سميت 5 مغوين کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان 3 پستول، هڪ رائفل ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. آپريشن دوران ٻن يرغمالين کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
-
ڪراچي ۾ هفتي دوران 34 پوليس مقابلا، 5 ڏوهاري مارجي ويا
ڪراچي (رپورٽر ) گذريل هفتي ڪراچي پوليس اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪارروائي ڪئي. ڪراچي پوليس شهر جيمختلف هنڌن تي 34 مقابلن دوران ڏوھاري عنصرن سان مقابلي دوران 05 اسٽريٽ ڪرمنل جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته 32 زخمي ڦورن سميت 42 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار جوابدارن وٽان 43 مختلف قسمن جا غير قانوني هٿيار ۽ 18 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون. هٿ آيل هٿيار فرانزڪ لاءِ موڪليا ويا، پوليس گذريل هفتي ڪراچي جي ايسٽ، ويسٽ ۽ سائوٿ زونن ۾ ڪارروايون ڪري 977 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، پوليس پاران منشيات خلاف هلندڙ مهم دوران مختلف علائقن مان 72 ڪلو 294 گرام چرس، هيروئن، آئس ڪرسٽل ۽ لکين رپين جون 04 بوتلون شراب هٿ ڪيون ويون، گرفتار اسٽريٽ ڪرمنلز وٽان شهرين کان ڦر ۽ ٻين وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ 136 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا غير قانوني هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 60 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ 04 گاڏيون هٿ ڪري تحويل ۾ وٺي ڇڏيون. ڪراچي پوليس پاران ڏوهن جي خاتمي، امن امان جي بحالي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪارروايون جاري رهنديون.
-
ڪي پي ۾ دهشتگردن جو راڄ، ٽن مهينن دوران 49 پوليس اهلڪار شهيد
پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي وري عروج تي پهچي وئي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ 3 مهينن دوران دهشتگردي جا 130 واقعا رپورٽ ٿيا آهن.خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، صوبي ۾ دهشتگردي جا سڀ کان وڌيڪ واقعا ڊيرا اسماعيل خان ۾ رپورٽ ٿيا آهن.پشاور سميت خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي هڪ ڀيرو ٻيهر عروج تي آهي. گذريل 3 مهينن دوران دهشتگردي جا 131 واقعا ٿي چڪا آهن.صوبي ۾ ڊي آءِ خان ۾ سڀ کان وڌيڪ 25، باجوڙ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ 6، 6 دهشتگردي جا واقعا ٿيا،
جڏهن ته لڪي مروت ۾ 11، خيبر 10 ڪرڪ ۽ مردان ۾ 3، 3 واقعا ٿيا. رپورٽ موجب هلندڙ سال پوليس تي 59 حملا ٿيا، جن ۾ 49 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 68 زخمي ٿيا. مختلف ڪاررواين ۾ 5 انتهائي گهربل دهشتگرد گرفتار جڏهن ته 3 مارجي ويا.حڪومت جو چوڻ آهي ته پوليس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ڪاررواين دوران 2 جيڪٽس ۽ 76 ڪلو بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته دهشتگردي جا 22 ڪيس داخل ڪيا ويا. ڏکڻ ضلعن، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليس دهشتگردي کي منهن ڏئي رهي آهي، صوبائي حڪومت ضم ٿيل ضلعن ۾ پوليس کي گاڏيون ۽ ٻيو جديد سامان فراهم ڪرڻ لاءِ 7 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.