پريا ڪماري آزادي ڪميٽي جو ٽي تلوار ڪلفٽن ۾ ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ تين تلوار (ٽي تلوار) ڪلفٽن ۾ پريا ڪماري  آزادي ڪميٽيءَ طرفان ڪالھ آچر ڏھاڙي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي (پ آ ڪ)جي اڳواڻ لياقت علي جلباڻي ڪئي ، جڏنهن ته احتجاج ۾ سول سوسائٽي سميت، سياسي ، سماجي، ادبي ۽ صحافتي لڏي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري ۾ شريڪ اڳواڻن پريا ڪماري جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪندو چيو ته اسان جو ھڪ ئي مطالبو آھي ته پريا کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي.جيڪو بلڪل جائز ۽ بنيادي مطالبو آھي  جيڪو سيڪيورٽي ادارن لاءِ ممڪن آھي ۽ حاڪم وقت ۽ رياست ذميوار آھي ته پريا کي بازياب ڪرائي سندس خاندان ۽ سڄي سنڌ مان بيچيني کي ختم ڪيو وڃي. اھڙي موقعي تي مظاهري ۾ شريڪ سوين عورتن ، ٻارڙن ۽ نوجوانن جي ھٿن ۾ پينافليڪس ھئا ۽ پريا جي بازيابيءَ لاءِ زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا.احتجاج جو سلسلو افطار ڪرڻ بعد ٻيھر رات دير تائين پڻ جاري رھيو.احتجاجي مظاهري کي لياقت علي جلباڻي ،پنڊت مھاراج مھيش ڪمار، ڪرم علي شاھ، سھڻي پارس، آفاق ڀٽي، ممتاز عباسي ، منصور کوکر ، لياقت عباسي، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي پريا ڪماري آزادي ڪميٽيءَ جي اڳواڻ لياقت علي جلباڻي اعلان ڪيو ته ايندڙ آچر تي شام جو پنج وڳي  سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ڇاڪاڻ ته پريا کي آزاد ڪرائڻ لاء ضروري آھي ته سڄي سنڌ کي ھڪ پيج تي ڪٺي ڪجي، ھن چيو ته اھڙي جاڳرتا جو سلسلو مختلف حڪمت عملي تحت پريا کي بازياب ڪرائڻ تائين جاري رھندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.