ايم ڪيو ايم جو بيانيو اهلڪارن جو حوصلو پست ڪرڻ جي ڪوشش آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر )سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو بيانيو پوليس جوانن جو مورال ڊائون ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ايم  ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت کي بدامني نگران حڪومت کان ورثي ۾ ملي، فورسز کي تڪراري بڻائڻ سان امن بگاڙيندڙن کي فائدو ٿيو آهي. هن چيو ته سياسي اڳواڻن کي قانون جي حڪمراني کي ڪمزور ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عوام جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، امن امان لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته بنا ڪنهن تعميري راءِ جي تنقيد مجموعي سلامتي، استحڪام لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.