ڪامريڊ عبدالله آزاد 1950 ڌاري ميرپورخاص ضلعي جي علائقي ڳوٺ مکڻ سمون ۾ رمضان ڪنڀار جي گھر ۾ جنم ورتو ڪامريڊ عبدالله آزاد ھڪ نظرياتي سياستدان ھو جنهن سڄي زندگي ھاري مزدور غريبن مسڪينن لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ هن جي لاءِ آواز اٿاريندو هيو اھا ڳالھه ڪنھن کان به لڪل ناھي مرحوم پنهنجي دور ۾ وڏيون مشڪلاتون ڏٺيون ان دور ۾ سياست ڪرڻ ڏاڍي مشڪل ھئي آمريت جو دور سياست تي پابندي ھئي، ميڊيا تي به پابندي ھئي ماڻھو سياست لڪي لڪي ڪندا ھئا جيڪڏهن ڪنھن کي خبر پوندي ھئي ته فلاڻو ماڻھو سياست پيو ڪري ته ان لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ٿي وينديون ھنيون ان دور ۾ مرحوم ڪامريڊ عبدالله آزاد ھاري ڪميٽي سان وابسته ھو ھاري ڪميٽي تنظيم جو ڪم ئي وڏيرن جاگيردارن جي خلاف ھو ان دور ۾ وڏيرن جاگيردارن وٽ خاص ڌاڙيل پاليل ھوندا ھئا جيڪي ماڻھن کي خوف ۾ مبتلا ڪندا ھئا ان دور ۾ مرحوم ڪامريڊ عبدالله آزاد سياست ڪئي ۽ ماڻھن جا مسئلا حل ڪرايا پاڻ يارن جو يار ۽ انسان ذات سان محبت ڪندڙ انسان ھو ڪامريڊ عبدالله آزاد شروعاتي سياست کاٻي ڌر کان ڪيائون مرحوم پاڻ ھاري جو اڳواڻ هو ۽ شرعاتي سياست ھاري تحريڪ کان ڪيائين ان دور ۾ ھاري تحريڪ عروج تي ھئي ڪامريڊ عبدالله آزاد ھارين جي حقن لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ ھارين جي مسئلن لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ڪيترن ئي علائقن ۾ ھارين کي زمينون واپس ڏياريائين ۽ ڪامياب تحريڪون ھلايون ۽ ھارين کي قبضا واپس ڏياريائين سنڌ ھاري ڪميٽي کي ٻيھر منظم ڪرڻ ۾ ڪامريڊ عبدالله آزاد جو وڏو ڪردار رھيو مرحوم ڪيترائي ھارين جا يونٽ قائم ڪيا ۽ اسٽڊي سرڪل پڻ ھلايا ھارين کي منظم ڪيو ۽ شعور ڏنو ھارين مزدورن جي حقن لاءِ جدجھد ڪرڻ تي کيس ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون ڪيترائي وڏيرا سندس دشمن ٿي ويا پر پوءِ به مرحوم ھارين مزدورن لاءِ جدوجھد جاري رکي. ڪامريڊ عبدالله آزاد ۽ ان جي ساٿين ميرپورخاص عمرڪوٽ ٿرپارڪر ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو ڪامريڊ عبدالله آزاد جي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان وڏي محبت ھئي سندس شخصيت کان متاثر ٿي سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين .
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي عبدالله وٽ پوري سنڌ جا اڪثر ماڻھو ڪم ڪار لاءِ ايندا رھندا ھئا سياسي ڌر جا ماڻھو کاٻي ڌر جا ماڻھو آفيسر وڪيل پريس وارا اڪثر ايندا رھندا ھئا ڪامريڊ عبدالله آزاد ڪيترن ئي تحريڪن ۾ شامل ھو ون يونٽ تحريڪ ايم آر ڊي تحريڪ سنڌي ۾ ووٽنگ لسٽ ڇپرائڻ واري تحريڪ ۾ شامل ھو ان کانپوءِ ٻين ڪيترن ئي تحريڪن ۾ پڻ شامل ھو ۽ ڪيترن ئي سماجي تنظيمن ۾ پڻ شامل ھو ۽ مرحوم عبدالله آزاد پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ پڻ رھيو ھو 1977ع ۾ جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، تڏھن ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ھئي ان ۾ مرحوم جو وڏو ڪردار رھيو مرحوم ڳوٺ ڳوٺ وڃي ايم آر ڊي تحريڪ کي تيز ڪيو ان دور ۾ کيس روپوشي اختيار ڪرڻي پئي، مرحوم ڪيترائي مھينا روپوش ھو ڪامريڊ عبدالله جو ھڪ واقعو ايم آر ڊي تحريڪ جو بيان ٿو ڪريان ڪامريڊ چيو اسان کي ايم آر ڊي تحريڪ ھلائڻي ھئي پابندين جو دور ھو مارشل لا جو اسان کي تحريڪ تيز ڪرڻي ھئي ھاڻ اسان ماڻھن تائين ڪيئن پيغام رسايون چاڪنگ ڪرڻ تي پابندي ديوارون تي پوسٽر لڳائڻ تي پابندي سامھون ٿا ورھايون ته گرفتار ٿا ٿيون اھو ڪم تمام مشڪل ھو پوءِ اھا ذميواري مون کي ڏني وئي ۽ ڪامريڊ عبدالله آزاد جي ھڪ خاص عادت ھوندي ھئي ھو اڪثر ٽنگ ٽنگ تي چاڙھي سگريٽ پيئندو هو، ڀلي سامھون ڪمشنر ويٺو ھجي ڪامريڊ عبدالله کي کيس دوستن آزاد جو لقب ڏنو جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي تڏھن مرحوم ڪيترائي ڏينھن سوڳ ۾ ڪارا ڪپڙا پاتا ۽ زمين تي سمھندو ھو کير ڪون کائيندو ھو ايتري ڀٽي صاحب ۽ ان جي خاندان سان محبت ھئي ڪامريڊ عبدالله آزاد نه ڪنھن سياسي عھدي تي رھيو نا گورنمنٽ جو ملازم ھو گذر سفر لاءِ ھڪ دوڪان ھو مکڻ سمون ۾ پاڻ غريب خاندان سان تعلق رکندو ھو غريب ھئڻ ڪري اٺ درجا تعليم حاصل ڪري سگھيو مرحوم پنھنجي پوري زندگي جدوجھد ۾ گذاري ڇڏي مرحوم وٽ ڪوبه اثاثو ڪون ھو نه ڪا مرحوم سياست مان ملڪيت ٺاھي مرحوم پنھنجي پوري زندگي جاکوڙيندي گذاري مرحوم جي اولاد مان چار پٽ ٽي نياڻيون آھن ڪامريڊ عبدالله آزاد فيبروري جي مھيني ۾ سن 2000ع ۾ گلي جي ڪينسر سبب وفات ڪئي.