دوڙ ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، وارثن طرفان مقابلو جڙتو قرار

نوابشاھ (رپورٽ: غلام نبي ڀنڀرو) دوڙ جمال شاھ لنڪ روڊ تي پوليس جو ڦورن سان مبينا مقابلو 2 ڦورو مارجي ويا، دوڙ پوليس موجب صبح سوير گشت دوران جمال شاھ لنڪ روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل 2 ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو جنھن۾ سجاد علي ولد الھداد عرف دادن چانڊيو ويٺل ڳوٺ 38 داد ۽ غلام نبي ولد الھوڌايو سومرو ويٺل ڳوٺ غازي خان ھوت طورسڃاڻپ ٿي آھي ھن ٻڌايو ته ڏوھارين کان ٻه عدد پسٽل برآمد ٿيا آھن، ڏوھارين جو ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيون پيا .ھوڏانھن دوڙ پوليس جي وڏي نفري دوڙ اسپتال ۾ موجود رھي. جڏھن ته مارجي ويلن جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، وارثن ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته اسان جي نوجوانن غلام نبي پٽ الھوڌايو سومرو ھوت اسٽاپ جو رھواسي آھي جيڪو  سروس جو ڪم ڪندو ھو ۽ سجاد چانڊيو جيڪو ھارپو ڪندو ھو جيڪو چوٽيھ داد جو رھواسي آھي ۽ روزي سان ھو جنهن  کي پوليس گھران کڻي وڃي مقابلو ڄاڻائي بيگناھ نوجوان قتل ڪري ڇڏيا آھن  هنن بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليَ سنڌ مراد علي شاهه ۽  اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.