ڪراچي ( رپورٽر ) سوئي سدرن گيس پاران گئس چوري ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري آهن، ڪراچي مان ڪروڙين رپين جي گئس چوري جو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي. ايس ايس جي سي ترجمان موجب سي آر ڊي ۽ سي جي ٽي او جي گڏيل آپريشن گل حسن ٽائون سبزي منڊي ۾ ڪيو ويو. ان دوران انڪشاف ٿيو ته سروس لائين مان سڌو سنئون گئس چوري ڪري اڍائي هزار گهرن کي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي. ڇاپا مار ٽيم 2500 غير قانوني ڪنيڪشن ختم ڪري سمورو نيٽ ورڪ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. گيس چور ساليانو 2 لک 40 هزار ڪيوبڪ ميٽر گيس چوري ڪندا هئا جڏهن ته چوري ٿيل گيس جي ماليت 75 لک 50 هزار رپيا هئي. ترجمان موجب ڏنڊ گئس لوڊشيڊنگ جي حساب سان لڳايو ويندو. گيس قومي ملڪيت آهي، گيس جي چوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. گيس چورن خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.