حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ گهر ۾ ڪم جي بهاني سان آڻي زميندار جي پٽن ۽ سندن دوست پاران 15 ورهين جي نينگر محمود ملاح کي قتل ڪرڻ واري واقعي معصوم ٻارڙن سان جنسي زيادتين جهڙن واقعن ۾ ملوث اسڪولن جي شاگردن تي ٻڌل هڪ وڏي گينگ کي پڌرو ڪري ڇڏيو ، محمود ملاح جي قتل وارو واقعو پوليس جي لاءِ وري هڪ نئين جاچ جا دروازا به کولڻ لڳو آهي، اهو انڪشاف ٿيو آهي ته نينگر محمود ملاح جي قتل ۾ ملوث حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي زميندار اعجاز مگسي جي ٻن پٽن حسن ۽ حسين مگسي ۽ سندن دوست منتظر شاهه نينگرن سان جنسي زيادتي ڪرڻ جا عادي ڏوهاري آهن، نه صرف اهي ٽئي جوابدار پر انهن سان گڏ 5 کان 6 وڌيڪ شاگرد انهن سان گڏ ان ڪڌي عمل ۾ شامل رهن ٿا، حسن مگسي، حسين مگسي ۽ سندن دوست منتظر شاهه سميت ان گروهه سان جڙيل ڇوڪرا شاگردن توڙي ٻين نينگرن کي ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪري جنسي زيادتي ڪرڻ جهڙو ڏوهه ڪندا رهيا آهن، حسن ۽ سندس ڀاءُ حسين مگسي قاسم آباد جي مشهور هڪ وڏي خانگي اسڪول ۾ 11 هين جماعت جا شاگرد آهن. نينگر محمود ملاح جي قتل واري واقعي کانپوءِ ان ئي اسڪول ۾ پڙهندڙ ڪجهه شاگردن جي والدين ۽ مٽن مائٽن نالا ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڳالهائيندي اهو انڪشاف ڪيو ته حسن ۽ حسين مگسي نينگرن سان جنسي زيادتي ڪرڻ جا عادي ڏوهاري آهن، هو جنهن اسڪول ۾ پڙهن ٿا اتي اسان جا ٻارڙا به تعليم حاصل ڪن ٿا، ڪيترن ئي شاگردن جي والدين پاران ٻنهي ڄڻن جي اهڙين حرڪتن بابت شڪايتون اسڪول جي انتظاميا سميت سندن چاچي ۽ ٻين کي ڪيون ويون، پر انهن ٻنهي ڀائرن سميت ان گروهه ۾ شامل ڪجهه ٻين شاگردن اهو ڏوهه ڪرڻ تان هٿ نه کنيو. هي ٻئي ڀائر ۽ سندن دوست شاگردن سان دوستي رکي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان کين گڏ وٺي وڃي پنهنجي گهر يا ٻي ڪنهن جاءِ تي پسٽل ڏيکاري مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سميت ٻيا طور طريقا استعمال ڪري جنسي زيادتي ڪرڻ جا عادي آهن، هي ٻئي جوبدار ڀائر پنهنجي هڪ ويگو گاڏي ۽ هڪ پراڻي ماڊل جي پجيرو کي به ان ڪم ۾ استعمال ڪن ٿا. اهو پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته هنن ٻنهي ڀائرن جي ڄمار به اسڪول ۾ 2 گهٽ لکرائي وئي آهي. حسن ۽ حسين مگسي قاسم آباد ۾ ئي هڪ ٻئي خانگي اسڪول جي ملازم نينگر سان به ساڳيو ورتاءُ ڪري چڪا آهن، پر سندن ان ڏوهه تان ڪڏهن مڪمل پردو نه هٽي سگهيو آهي. هنن ٻڌايو ته اسڪول جي انتظاميا پڻ ٻنهي ڀائرن بابت مائٽن سان شڪايتون ڪيون هيون. هنن چيو ته حيدرآباد پوليس کي محمود ملاح جي قتل واري ڪيس سان گڏ جوابدارن حسن مگسي، حسين مگسي ۽ منتظر شاهه کان نينگرن سان جنسي زيادتي ڪرڻ بابت به جاچ ڪرڻ گهرجي، هي جوابدار يقينن پنهنجن ٻين ساٿين کي به وائکو ڪندا، پوليس جي سٺي جاچ ٻين ڪيترن ئي ٻارڙن جي زندگين کي برباد ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿي. اهڙي انڪشاف کي وڌيڪ سگهه ان ڪري به ملي رهي آهي ته حسين ۽ حسن مگسي پنهنجي هڪ دوست منتظر شاهه سان گڏ تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ گل محمد مگسي وٽان سندن زمين تان هاري جي ڀائٽيي يتيم نينگر محمود ملاح کي زبردستي گاڏي ۾ کڻي قاسم آباد پهتا هئا، قاسم آباد ۾ پنهنجي بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ ويهي هو رات جو 3 وڳي تائين بار بار نينگر محمود ملاح کي سڏي رهيا هئا ۽ نيٺ هنن نينگر گولي هڻي قتل ڪيو. نينگر محمود ملاح جي وارثن به اهو چيو آهي ته نينگر محمود ملاح کي قتل ڪرڻ جو سبب به جنسي لاڳاپو رکڻ کان انڪار ڪري مزاحمت ڪرڻ تي پيش آيو آهي، محمود ملاح وڏيري جي پٽن ۽ ان جي دوست جي ڳالهه نه مڃي ۽ هن مزاحمت ڪئي، ان ڪري جوابدارن نينگر کي پڪڙي مٿان چڙهي کيس منهن ۾ گولي هڻي قتل ڪيو، حسين ۽ حسن مگسي وارن جي بنگلي تي ڪم ڪندڙ نينگر محمود ملاح جي مائٽن پڻ چيو آهي ته هي حسن ۽ حسين مگسي پاڻ سان گڏ ٻين ڇوڪرن کي وٺي ايندا هئا، پر سندن ڪمرو بند رهندو هو ۽ اسان کي اندر وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار حسين، حسن مگسي ۽ منتظر شاهه گڏ ئي گهمندا ڦرندا هئا ۽ سندن وٽ هڪ پسٽل ضرور هوندو هو.
-
معصوم پٽ جي قاتلن کي ڦاهيءَ تي چڙهندي ڏسڻ چاهيان ٿي: امڙ
حيدرآباد: مقتول نينگر محمود ملاح جي پيرسن امڙ مڊم ملاح ڳوڙها ڳاڙي قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چيو ته آئون پنهنجي معصوم پٽ جي قاتلن کي ڦاهيءَ تي چڙهندي ڏسڻ ٿي چاهيان، ڪنهن به صورت ۾ ڪيس تان هٿ نه کڻنديس ۽ قاتلن کي بخش نه ڪيو ويندو، منهنجي معصوم پٽ کي وڏيري جا پٽ زوري گاڏي ۾ کڻي ويا، هو انهن سان گڏ وڃڻ جي لاءِ تيار نه هو، رات جو منهنجي پٽ کي پڪڙي قتل ڪري لاش ڳوٺ اماڻيو ويو. هن چيو ته آئون ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه اينديس، جوابدار ڀلي ڪجهه به ڪن، مونکي صرف پٽ جي خون سان انصاف گهرجي ٿو.
-
نينگر جي قتل ۾ ملوث هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو
حيدرآباد: حيدرآباد پوليس، قاسم آباد فيز ون ۾ هڪ بنگلي ۾ قتل ڪيل نينگر محمود ملاح جي قتل ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي، واقعي کي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن تائين نه پهتي ۽ نه ئي جاچ ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي آهي. حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ الهبچايو ميربحر راهوڪي ۾ قاسم آباد ٿاڻي جي حد قاسم آباد فيز ون ۾ وڏيرن جي پٽن حسن، حسين ۽ سندن دوست منتظر شاهه پاران قتل ڪيل معصوم نينگر محمود ملاح جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
-
نينگر محمود جي قتل جي ايف آءِ آر ڪمزور آهي: وڪيل
حيدرآباد: وڪيلن چيو آهي ته نينگر محمود ملاح جي قتل جي داخل ڪيل ايف آئي آر ڪمزور آهي، پوليس ايف آئي آر ڪٽڻ ۾ به جوابدارن سان ونگار وهي وئي، اهو ئي سبب آهي ته نينگر قتل ٿي ويو، پر پوليس ڪنهن به جوابدار يا ان جي مائٽ کي گرفتار نه ڪيو آهي، جوابدار فرار آهن ۽ سندن مٽ مائٽ آزاد گهمي رهيا آهن، جيڪي پنهنجن ڇوڪرن کي قتل جي ڪيس مان آجو ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ لڳل آهن. وڪيل اندرجيت لوهاڻي ۽ محب آزاد لغاري موجب نينگر محمود ملاح کي جنهن انداز سان قتل ڪيو ويو آهي اهو انتهائي دردناڪ آهي، پر پوليس پاران داخل ڪيل ايف آئي آر ڏسي حيرت ٿي آهي ته جنسي زيادتي جي ڪوشش به ٿي آهي ۽ نينگر کي ٽن جوابدارن گڏجي ماريو آهي، پر ايف آئي آر تمام گهڻي سادي آهي، ايف آئي آر ۾ اڃا ڪجهه سيڪشن وجهڻ گهرجن، وارثن جا بيان اڃا پورا ناهن، مشير ناما ٺاهيا وڃن. هنن چيو ته قتل وقت مقتول نينگر کي پاتل ڪپڙن کي به ڏٺو وڃي، پوليس پنهنجي جاچ بابت به پڌرو ڪري ته هڪ معصوم ٻارڙو قتل ٿيو آهي ته پوليس ڪهڙي ڪارروائي عمل ۾ آندي ۽ جاچ کي ڪٿي پهچايو ويو آهي. هنن چيو ته نينگر محمود ملاح جا وارث انتهائي غريب ۽ سادا ماڻهو آهن، پوليس هنن کي جيڪو رستو ڏسيو وارثن ان ئي بنياد تي ايف آئي آر داخل ڪرائي، جڏهن ته جوابدار بااثر ۽ پئسي وارا آهن، ان ڪري پوليس سدائين طاقتو جي پاسي بيٺل هوندي آهي.
-
محمود ملاح جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو، وارثن سان سهڪار ڪيو ويندو: ساڃاهه وند
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو جي پٽ ايڊووڪيٽ ساحر اياز پليجو، سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ محب آزاد، سنڌ صوفي سنگت جي اڳواڻ آڪاش ملاح، امجد رند سميت وڪيلن، شاگردن ۽ ساڃاهه وندن تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي، ايڊووڪيٽ ساحر اياز پليجو مقتول نينگر محمود ملاح جي امڙ ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪندي کانئن واقعي جا تفصيل ورتا. ايڊووڪيٽ ساحر اياز پليجو مقتول نينگر جي قتل ڪيس ۾ فريادي ماءُ کي انصاف ڏيارڻ ۾ قانوني ۽ سياسي مدد جي خاطري ڪرائيندي چيو ته محمود ملاح جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو، قومي عوامي تحريڪ توھان سان گڏ آھي، قانوني طور توھان جي مڪمل مدد ڪئي ويندي، ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، خادم سمون، علي شير وٽو، شاھد حاجاڻو گڏ ھو. قومپرست اڳواڻ آڪاش ملاح مقتول نينگر جي امڙ سان ڳالهائيندي چيو ته محمود ملاح جي خون سان انصاف لاءِ سندس خاندان جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، ڏنڊي جي زور تي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي حراسان ڪيو پيو وڃي، جوابدارن کي سزا ڏيارڻ تائين ماٺ ڪري ناهي ويهڻو، قاتل بااثر ۽ پئسي وارا آهن، اهي توهان کي پئسن جي آڇ ڪندا ۽ داٻا ڏيندا پر توهان کي ثابت قدم ٿي بيهڻو آهي، محمود جا وارث قاتلن کي سزا ڏيارڻ تائين مضبوطي سان بيٺا رهيا ته قاتلن جي سزا تي به عمل ٿيندو، ايڊووڪيٽ محب آزاد چيو ته مقتول محمود ملاح جا وارث پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، سنڌ جا ساڃاهه وند ماڻهو هنن سان گڏ آهن، هو پنهنجي همت سان انصاف لاءِ بيٺا رهيا ته قاتل ضرور پنهنجي انجام تائين پهچندا. هن چيو ته وڪيل برادري، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن کي مقتول محمود ملاح جي خون سان انصاف جي لاءِ سندس وارثن سان گڏ بيهڻ گهرجي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس پي هائوس سامهون احتجاج جو سڏ ڏينداسين. هن چيو ته ايف آئي آر ۾ جيڪي شيون کٽل آهن اهي شامل ڪرائڻ جي لاءِ وڪيلن سان رابطا ڪري پوليس وٽ ٻيهر وڃبو. ان موقعي تي محمود ملاح جي چاچي پير بخش ملاح، سئوٽ اطهر ملاح ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته محمود ملاح بنگلي تي ڪمائيندو نه هو، پر حسين مگسي، حسين مگسي ۽ منتظر شاهه زوري کيس ڳوٺ کان گاڏي ۾ کڻي ويا هئا، اسان جا ٻيا نوجوان به ان بنگلي تي ڪم ڪندا آهن، اهي به ان وقت موجود هئا، نينگر محمود کي ڪمري ۾ گهرائي ٽنهي جوابدارن دروازو بند ڪري ڇڏيو، جوابدار محمود سان جنسي زيادتي ڪرڻ جو ارادو رکندڙ هئا ۽ هو شراب به پي رهيا هئا، مزاحمت ڪرڻ تي محمود ملاح کي قتل ڪيو ويو آهي.