ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي:شهباز شريف

اسلام آباد ( م ڊ )  وزيراعظم شهباز شريف چيني شهرين جي سڪيورٽي بابت هر مهيني ذاتي طور اجلاس جو جائزو وٺڻ جو  فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير، سڪيورٽي ادارن جي سربراهن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ شهباز شريف کي ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي،  ملاقات دوران گهرو وزارت وزيراعظم کي ملڪ جي مجموعي امن امان جي صورتحال ۽ وزارت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. شهباز شريف گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبن کان تعاون وڌايو وڃي ۽ صوبائي اينٽي ٽيررازم کاتن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي خاص طور تي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت هر مهيني اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم سمورن سڪيورٽي ادارن کي چيني شهرين جي سڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. شهباز شريف سيڪيورٽي ايس او پيز جي باقاعده آڊٽ لاءِ جامع پلان ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.